ڪوهلي 300 ڪروڙ رپين جي آڇ ٿڏي 40 ڪروڙ جي سيڙپڪاري سان پنهنجو ڪاروبار شروع ڪري ڇڏيو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اسٽار بيٽر ويرات ڪوهلي راندين جي ڪاروبار ۾ نئون قدم کڻندي پنهنجي لائيف اسٽائل برانڊ ” ون ايٽ“لاءِ وڏو اعلان ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، اٺن ورهين تائين ” پُوما“ جو برانڊ ايمبيسڊر رهڻ کانپوءِ ويرات ڪوھلي سپورٽس ويئر ڪمپني ”اگيليٽاس اسپورٽس“ سان ڀائيواري جو اعلان ڪيو آهي.
رپورٽن موجب، ڀارتي ڪرڪيٽر ” پُوما“جي 300 ڪروڙ ڀارتي رُپين جي رد ڪندي، نئين ڀائيپاري ۾ پنهنجي طرفان 40 ڪروڙ رپين جي سيڙپڪاري ڪئي آهي.
ويرات ڪوھلي سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ ويڊيو پڻ شيئر ڪئي، جنهن ۾ هو اگيليٽاس اسپورٽس جي انتظاميا سان گڏ موجود آهي ۽ برانڊ بابت تفصيل ٻڌائي رهيو آهي.
هن وڊيو جي ڪيپشن ۾ لکيو ته ’’اڄ دل سان هڪ نئين ۽ پُرجوش سفر جي شروعات ٿي رهي آهي، ون ايٽ ۽ اگيليٽاس لاءِ هڪ نئون باب شروع ٿي رهيو آهي، جيڪو مقصد ۽ عزم سان ڀرپور آهي، ون ايٽ هاڻي پنهنجي نئين گهر اگيليٽاس ڏانهن وڌي رهيو آهي.“
واضح رهي ته اگيليٽاس اسپورٽس 2023 ۾ شروع ٿيندڙ هڪ نئون اسپورٽس ويئر اسٽارٽ اپ آهي، جنهن جو بنياد اڀشيڪ گنگولي رکيو آهي، هو ان کان اڳ ” پُوما انڊيا“ جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر طور ڪم ڪري چڪو آهي.
ويرات ڪوھلي موجب، جڏهن گنگولي کيس ڪمپني جي صلاحيتن، مينيوفيڪچرنگ پاور ۽ ماهر ٽيم بابت ٻڌايو ته هن محسوس ڪيو ته هي ڀائيواري اڳتي هلي هڪ وڏو ڪاروبار بڻجي سگهي ٿي ۽ هو ان جو حصو بڻجڻ چاهي ٿو.
ٻئي پاسي اڀيشيڪ گنگولي پڻ تصديق ڪئي آهي ته هن معاهدي کانپوءِ ويرات ڪوھلي اگيليٽاس ۾ اقليتي شيئر هولڊر بڻجي ويندو.
هنن چيو ته ڪوھلي 300 ڪروڙ جي پراڻي معاهدي جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ هي ڊيل ناهي ڪئي، پر هو ڊگهي مدي واري ويزن سان ڪاروبار ۾ شامل ٿي مستقبل ۾ وڏي منافعي جي اميد رکي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.