ٽي ٽوئنٽي سيريز کان آسٽريلوي سيڪيورٽي ٽيم انتطامن جو جائزو وٺڻ لاءِ پاڪستان پهچي وئي

لاهور (ويب ڊيسڪ) آسٽريلوي ٽيم جي پاڪستان دوري لاءِ ڪرڪيٽ آسٽريليا جي سيڪيورٽي ٽيم انتظامات جو جائزو وٺڻ لاءِ لاهور پهچي وئي
ذريعن موجب، سيڪيورٽي ٽيم معمول جي دوري دوران ميچن وارن وينيوز هنڌ جائزو وٺندي، جنهن ۾ قذافي اسٽيڊيم، اين سي اي ۽ ايل سي سي اي گرائونڊ شامل آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي ٽيم کي پي سي بي ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن طرفان بريفنگ پڻ ڏني ويندي.
آسٽريلوي ٽيم ايندڙ مهيني جي آخر ۾ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز لاءِ پاڪستان ايندي.
ذريعن موجب، ٽي ٽوئنٽي سيريز جون ٽئي ميچون لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.