راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ڀيڻن ۽ تحريڪ انصاف چيئرمين بيرسٽر گوهر کي ملاقات جي اجازت نه ملي، جنهن تي هنن جيل ڀرسان فيڪٽري ناڪي تي ڌرڻو هڻي ڇڏيو.
اڊيالا جيل ۾ ملاقات جو وقت ختم ٿي ويو، بيرسٽر گوهر ۽ پي ٽي آءِ باني جي ڀيڻن کي ملاقات جي اجازت نه ملي سگهي.
پي ٽي آءِ باني جي ڀيڻن کي پوليس فيڪٽري ناڪي تي روڪيو، عليما خان ڪارڪنن کي پرسڪون رهڻ جي هدايت ڪئي ۽ کين ناڪي کان پوئتي هٽائيندي رهي.
عليما خان چيو ته پوليس سان اسان جو ڪو جهيڙو ناهي، پوليس وارا اسان جا ڀائر آهن، ڪارڪنن کي ان ڪري پوئتي ڪري رهي آهيان، ڇو ته عورتون گڏ آهن، پوليس وارا پاڻ پريشان آهن.
هن چيو ته ملاقات جي اجازت عرصي کان نه پئي ڏني وڃي، گذريل ملاقات تي ڪا سياسي گفتگو نه ٿي، پي ٽي آءِ باني کي ڪنهن جي حڪمن تي قيد ۾ رکيو ويو آهي؟ اسان ملاقات لاءِ آياسين، گذريل هڪ مهيني کان ان ئي مقصد لاءِ اچي رهيا آهيون.
عمران خان جي ڀيڻن اڊيالا جيل ڀرسان فيڪٽري ناڪي تي ڌرڻو هڻي ڇڏيو، جنهن ۾ قومي اسيمبلي ميمبر جنيد اڪر، شاهد خٽڪ، خيبر پختونخواهه ڪابينا جا ميميبر مينا خان، شفيع جان ۽ ٻيا اڳواڻ موجود آهن.
اڊيالا جيل ويندڙ رستو بند آهي ۽ پوليس جي وڏي نفري فيڪٽري ناڪي تي موجود آهي.
You might also like