شڪارپور (ويب ڊيسڪ) شڪارپور ضلعي جي علائقي منڇر شاهه ۽ ڀرپاسي ۾ پوليس ۽ رينجرز وڏي پيماني تي آپريشن ڪيو، جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 9 ڏوهاري مارجي ويا، جڏهن ته ٻن ڊي ايس پيز سميت چار اهلڪار زخمي ٿي پيا.
واقعي ۾ ڊي ايس پي پارس جکراڻي، ڊي ايس پي ظهور احمد سومرو ۽ ٻه پوليس اهلڪار زخمي ٿيا، جن کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو.
پوليس موجب مارجي ويل ڏوهارين جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي، مارجي ويلن ۾ ڏوهارين ۾ امداد شيخ ، شھزادو شيخ ،شھمور شيخ ، صابر شيخ ، گل محمد عرف ڪراڙو شيخ ، اويس شيخ ، ساجد، اياز شيخ ، غلام محمد شامل، علائقي ۾ سيڪيورٽي کي بهتر ڪرڻ لاءِ آپريشن جاري رهندو.
پوليس موجب، واقعي واري هنڌ وڏي نفري موجود آهي ۽ آپريشن ۾ بڪتر بند گاڏيون پڻ استعمال ڪيون پيون وڃن.
مقابلي ۾ زخمي ٿيندڙ ڊي ايس پي پارس بکراڻي جي حالت بدستور ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
اسپتال ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊي ايس پي آپريشن ٿيٽر ۾ موجود آهي، جڏهن ته ڪراچي ۾ ڊاڪٽر پڻ گهرائي وئي آهي.
ٻئي پاسي ڊي آءِ جي سکر فيصل عبدالله چاچڙ اسپتال پهچي زخمي ڊي ايس پي پارس بکراڻي، سندس زخمي مڙس ظهور سومرو ۽ ٻين اهلڪارن جي به عيادت ڪئي.
ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڊي ايس پي پارس بکراڻي سميت زخمين جي حالت سڌرندڙ آهي.
هن چيو ته پارس بکراڻي کي ڪُک کان مٿي گولي لڳي، جڏهن ته ڊي ايس پي ظهور سومرو کي پيٽ ۾ لڳل گولي سائيڊ کان نڪري وئي آهي.
شڪارپور ۾ پوليس ۽ رينجرز جو آپريشن، 9 ڏوهاري مارجي ويا، ڊي ايس پي پارس بکراڻي، سندس مڙس ڊي ايس پي ظهور سومرو سميت 4 اهلڪار زخمي
You might also like