لاهور (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته واپاري برادري جو معيشت جي بهتري ۾ اهم ڪردار آهي، واپارين جي مسئلن جي حل لاءِ ڪردار ادا ڪندا رهنداسين.
لاهور ۾ صنعتڪارن ۽ واپارين کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو پاڪستان لاءِ فخر جي ڳالهه آهي ته چين جهڙا ملڪ اسان سان گڏ ڪم ڪري رهيا آهن، اسان کي سوچڻو آهي ته چين سان گڏ ڪيئن پنهنجي نمبر کي مٿي وٺي وڃي سگهون ٿا.
هن چيو ته گذريل حڪومتون ڏنڊي جي زور تي معيشت هلائينديون هيون، مان سمجهان ٿو ته معيشت کي پيار سان هلائڻ گهرجي، ايف بي آر ۾ ڊجيٽلائيزيشن جو سسٽم انتهائي اهميت رکي ٿو.
سندس چوڻ هو ته وزيراعظم ۽ ان جي ٽيم معيشت جي مضبوطي لاءِ ڪوششن ۾ آهي، وفاقي حڪومت جون ڏکيائيون ختم ڪرڻ ڪنهن هڪ صوبي جو ڪم ناهي، سڀني کي وفاق سان گڏ بيهڻو پوندو، سنڌ جي ڪارڪردگي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ بهتر رهي آهي.
You might also like