محسن نقوي جو آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پي ايس ايل ميچون ڪرائڻ جو اعلان

لنڊن (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي شهه رڳ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جون ميچون ڪرائڻ لاءِ قدم کنيا ويا آهن.
لنڊن جي لارڊز ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ پي ايس ايل جي روڊ شو دوران پي سي بي چيئرمين محسن نقوي اعلان ڪيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي مظفر آباد ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پي ايس ايل جون ميچون ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
پي سي بي چيئرمين چيو ته اسان مظفر آباد ڪرڪيٽ اسٽيڊيم کي عالمي معيار مطابق تيار ڪنداسين، عالمي رانديگرن لاءِ مظفر آباد ۾ اعليٰ معيار جا فائيو اسٽار هوٽل به موجود آهن.
هن وڌيڪ چيو ته مستقبل ۾ پي ايس ايل ميچن سان گڏوگڏ ٻيا عالمي مقابلا پڻ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪرايا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.