شاهه رخ جي ڪاجول ۽ ٽوئنڪل کان معافي، معاملو ڇا آهي؟

ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ سپر اسٽار شاهه رخ خان اداڪارا ڪاجول ۽ ٽوئنڪل کنا جي شو ” ٽو مچ“ ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو ڪارڻ ٻڌائي ڇڏيو.
بالي ووڊ جي مشهور اداڪارائن ڪاجول ۽ ٽوئنڪل کنا گذريل ڪجهه مهينن کان ٽاڪ شو” ٽو مچ “ جي ميزباني ڪري رهيون آهن، شو ۾ هن وقت تائين سلمان خان، عامر خان، ڪرن جوهر، عاليا ڀٽ، جهانوي ڪپور ۽ ڪريتي سينن سميت ڪيئي مشهور بالي ووڊ شخصيتون شرڪت ڪري چڪيون آهن.
ان تي شاهه رخ خان جي مداحن کي ڳڻتي هئي ته نيٺ ڪهڙو سبب آهي جو شاهه رخ خان اڃا تائين ٽوئنڪل ۽ ڪاجول جي شو ۾ مهمان ناهي بڻيو؟
ويجهڙ ۾ شاهه رخ خان بي بي سي ايشين نيٽورڪ سان ڳالهائيندي ان بحث تي خاموشي ٽوڙيندي چيو ته ” مون کي ڪاجول ۽ ٽوئنڪل کنا شو ۾ اچڻ جي دعوت ڏني هئي، پر مان هڪ فلم جي شوٽنگ ۾ مصروف آهيان، جنهن بابت ٻنهي کي ٻڌائي چڪو آهيان.“
بالي ووڊ ڪنگ جو چوڻ هو ته ” مان ڪاجول ۽ ٽوئنڪل کان معافي وٺي چڪو آهيان، سندن شو ۾ شرڪت نه ڪرڻ تي افسوس آهي، ڇو ته کاڌي واري سيگمينٽ کي ڇڏي مان ان شو ۾ شرڪت ڪرڻ جو خواهشمند هوس، اصل ۾ سيگمينٽ ۾ گهڻو ڪجهه آهي جيڪو مون لاءِ ڏکيو آهي.“
هن وڌيڪ چيو ته جيتوڻيڪ شو ۾ شامل نه ٿي سگهيس پر ڏنڊ طور مان شو جون هڙئي قسطون ڏٺيون آهن.
واضح رهي ته شاهه رخ خان اڄڪلهه پنهنجي فلم ” ڪنگ “ جي شوٽنگ ۾ رڌل آهي، ويجهڙ ۾ سيٽ تي زخمي ٿيڻ سبب فلم جي شوٽگ روڪي وئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.