توهان اهڙا ملازم ته ڏٺا هوندا، جن کي دير سان آفيس پهچڻ جي عادت سبب ملازمت تان هٽايو ويندو آهي پر ڇا توهان ڪڏهن اهڙو ملازم ڏٺو آهي، جنهن کي جلدي اچڻ تي نوڪري تان هٽايو ويو هجي؟
ها جي! هڪ هسپانوي عورت کي جلد آفيس پهچڻ سبب نوڪري تان هٽايو ويو.
اسپين جي شهر اليڪانٽي جي ڊيليوري ڪمپني ۾ ملازمت ڪندڙ هڪ عورت روز صبح 6 لڳي 45 منٽن کان 7 وڳي تائين پنهنجي آفيس پهچي ويندي هئي، توڙي جو عورت ۽ اداري وچ ۾ ٿيل معاهدي موجب کيس صبح 7 لڳي 30 منٽن تي آفيس اچڻو هو پر ان جي ابتڙ عورت پنهنجي آفيس ڪوليگ کان اڳ ئي شفٽ شروع ڪري ڇڏيندي هئي.
اها ئي ڳالهه هجي، جنهن تي عورت ورڪر جي مينيجر جي ڪاوڙ جو سبب بڻي، جنهن تي هن اڳ ۾ جلدي آفيس اچڻ تي عورت جي ڇنڊ پٽي.
پوءِ به عورت کي آفيس طرفان وارننگ ڏني وئي پر هوءَ نظرانداز ڪري رهي ۽ جلدي آفيس پهچڻ جاري رکيو، نيٺ مينيجر عورت جي ان قدم کي ”سنگين بدتميزي“ قرار ڏيندي ملازمت تان هٽائي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ عورت پنهنجي ڪمپني خلاف ڪيس داخل ڪرايو.
عدالت ۾ عورت جي باس موقف اختيار ڪيو ته ڪو به ڪم نه هجڻ باوجود هوءَ جلدي آفيس پهچي ويندي هئي ۽ وارننگ باوجود هن پنهنجو اهو عمل جاري رکيو، عورت جي ان عمل منهنجي ۽ ڪمپني جي لاڳاپن تي ناڪاري اثر وڌو.
عدالت باس جو موقف ٻڌڻ کانپوءِ ڪمپني جي حق ۾ فيصلو ڏئي ڇڏيو.
You might also like