رپورٽنگ دوران صحافڻ تي پکيءَ جو اوچتو حملو، رتورت ٿي وئي

نيوزيلينڊ ۾ هڪ تڪليف ڏيندڙ واقعو پيش آيو، جتي هڪ پکي اوچتو رپورٽنگ ڪندڙ عورت جي مُنهن سان ٽڪرائجي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ هوءَ زخمي ٿي پئي.
واقعي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، جنهن ۾ 32 ورهين جي جيسيڪا ٽائسن آڪلينڊ جي بريٽو مارٽ اسڪوائر ڀرسان فيلڊ رپورٽنگ ڪري رهي هئي ته اوچتو هڪ سامونڊي پکي تيز رفتاري سان سندس چهري سان اچي ٽڪرايو، جنهن جي نتيجي ۾ جيسيڪا جو توازن بگڙي ويو ۽ سندس اک ڀرسان رت وهڻ لڳو.
واقعي کانپوءِ جيسيڪا اها وڊيو ذاتي اڪائونٽ تي شيئر ڪندي لکيو ته ڪڏهن ڪڏهن توهان پنهنجو ڪم پرسڪون انداز ۾ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيو پر قدرت توهان کي ڪو ٻيو سرپرائز ڏيڻ جي موڊ ۾ هوندي آهي، شايد ان پکيءَ کي عينڪ جي ضرورت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.