ايشون جي گمڀير کي ڇنڊ، صلاح به ڏئي ڇڏيائينس

ايشون جي گمڀر کي ڇنڊ، صلاح به ڏئي ڇڏيائينس
نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ گوتم گمڀير تي اڳوڻي اسپنر روي چندرن ايشون ڇتي تنقيد ڪئي ۽ گڏوگڏ مشورو به ڏئي ڇڏي.
اڳوڻي ڪرڪيٽر روي چندرن ايشون گمڀير ۽ ٽيم مئنيجمينٽ تي تنقيد ڪندي چيو ته هيڊ ڪوچ کي ٽِين ميچ کان اڳ واشنگٽن سُندر کي واضح ۽ مستقل ڪردار ڏيڻ گهرجي، ڇو ته سندر مختلف بيٽنگ نمبرن ۽ محدود بالنگ سبب پنهنجي سڃاڻپ ٺاهڻ ۾ ڏکيائي محسوس ڪري رهيو آهي.
هن چيو ته سُندر کي بالر طور کيڏايو وڃي، جيڪو بيٽنگ به ڪري سگهي ٿو ۽ سندس بيٽنگ آرڊر کي هيٺ مٿي ڪرڻ ۽ گهٽ اوور ڪرائڻ سبب سندس ڪارڪردگي متاثر ٿي رهي آهي.
ايشون چيو ته ڀارت جي فنشنگ ٻنهي ميچن ۾ ڪمزور رهي آهي، ٽيم وڏي اسڪور باوجود آخر ۾ پنهنجو وڃائي ويٺي ۽ جڏهن هاردڪ پانڊيا موجود نه آهي ته نتيش ريڊي کي نه کيڏائڻ ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏئي رهيو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته هن وقت جسپريت بمرا به دستياب ناهي، جنهن سبب ٽيم جي بالنگ ڪمزور ٿي وئي آهي ۽ ڀارت هر ميچ ۾ 30 کان 40 رنسون خساري ۾ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.