ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 27 هين آئيني ترميم خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ عدالت اٽارني جنرل آف پاڪستان سميت لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪيا. درخواست گذار جي وڪيل ابراهيم سيف الدين موقف اختيار ڪيو ته 27 هين ترميم عدليا کي انتظاميا جي ماتحت ڪرڻ جي ڪوشش آهي ۽ اها آئين ۾ اختيارن جي عليحدگي جي بنيادي اصول جي خلاف ورزي آهي. وڪيل دليل ڏنو ته آئين جي آرٽيڪل 239(5) تحت ترميم کي چئلينج ڪرڻ جي پابندي لاڳو نه ٿيندي جڏهن ترميم آئين جي بنيادي خصوصيتن کي متاثر ڪري ٿي. دليل ٻڌڻ کان پوءِ، عدالت درخواست کي قابل قبول قرار ڏنو ۽ ان جي اهم نوعيت کي نظر ۾ رکندي ايندڙ ٻڌڻي 18 ڊسمبر 2025 تي مقرر ڪئي.