ڪراچي(رپورٽر)صحت کاتي سنڌ جي ڊائريڪٽَر جنرل ڊينگي جي صورتحال بابت روزاني رپورٽ جاري ڪندي ٻڌايو آهي ته صوبي ۾ ڊينگي جي ڪيسن ۾ واڌ جي باوجود صورتحال مڪمل طور تي ڪنٽرول ۾ آهي۔ رپورٽ موجب سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ ڊينگي جا 43 نوان مريض داخل ٿيا، جڏهن ته خانگي اسپتالن مان 34 مريض رپورٽ ٿيا۔ صوبي ۾ ڊينگي جي مجموعي داخل مريضن جو انگ 71 تائين پهچي ويو آهي۔ ڪراچي ڊويزن جي سرڪاري اسپتالن ۾ 25 نوان مريض داخل ٿيا، جڏهن ته حيدرآباد جي سرڪاري اسپتالن ۾ 9 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا۔ صحت کاتي موجب سرڪاري اسپتالن مان 42 مريض صحتياب ٿي گهر روانا ٿيا، خانگي اسپتالن ۾ 45 مريضن کي صحتياب قرار ڏنو ويو۔ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڊينگي سبب ڪنهن به مريض جي وفات رپورٽ نه ٿي آهي۔ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته صوبي جي سرڪاري ۽ خانگي ليبارٽرين ۾ مجموعي طور 3328 ماڻهن جا ڊينگي ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 260 ماڻهن جا نتيجا هاڪاري آيا۔ ڪراچي جي ليبارٽرين مان 147 هاڪاري ڪيس، جڏهن ته حيدرآباد جي ليبارٽرين مان 113 هاڪاري ڪيس رپورٽ ٿيا۔ ڊائريڪٽَر جنرل هيلٿ شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته هو پنهنجا گهر ۽ چوڌاري ماحول صاف سٿرو رکن، پاڻي بيهڻ نه ڏين ۽ ڊينگي کان بچاءَ لاءِ احتياطي تدبيرن تي عمل ڪن۔