وفاقي حڪومت جو سنڌ جي گورنر کي هٽائڻ جو فيصلو، ٽيسوري عهدو بچائڻ لاءِ اسلام آباد پهچي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي سرڪار سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري کي هٽائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ۽ کيس حڪومتي شخصيتن ذريعي اهڙو پيغام به موڪليو ويو آهي.
ذريعن موجب، ڪامران ٽيسوري کي استعيفيٰ ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، ٻي صورت ۾ کيس ڊي نوٽيفاءِ ڪيو ويندو.
ٻئي پاسي ڪامران ٽيسوري اڄ اسلام آباد ديرا ڄمائي ورتا آهن، هو هن وقت سنڌ هائوس ۾ موجود آهي، جتي هو پنهنجي گورنرشپ بچائڻ لاءِ اهم گڏجاڻيون ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.