ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت عالمي بئنڪ کان ڪراچي سرڪلر ريلوي ۽ ڪراچي کان سکر هاءِ اسپيڊ ٽرين منصوبن لاءِ مدد جي اپيل ڪري ڇڏي.
صوبائي سڌ سماءُ واري کاتي طرفان جاري ڪيل بيان موجب، عالمي بئنڪ جي وفد سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران شرجيل ميمڻ ڪراچي سرڪلر ريلوي ۽ ڪراچي کان سکر هاءِ اسپيڊ ٽرين منصوبن کي سنڌ حڪومت جا اهم هدف قرار ڏئي عالمي بئنڪ کان انهن رٿائن لاءِ سهڪار جي اپيل ڪئي.
شرجيل ميمڻ چيو ته ڪراچي اِهي رٿائون سنڌ لاءِ گيم چئينجر ثابت ٿينديون ۽ صوبائي حڪومت چاهي ٿي ته عالمي بئنڪ انهن منصوبن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.
ملاقات دوران سڄي صوبي ۾ اربن موبلٽي بهتر ڪرڻ، ٽرانسپورٽ سسٽم جي مضبوطي ۽ مختلف ماڊلز تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي.
سينيئر وزير شرجيل ميمڻ عالمي بئنڪ جي مدد سان جاري يلو لائين بي آر ٽي منصوبو بابت وفد کي آگاهي ڏني.
وزير چيو ته يلو لائين جو اهم حصو تاج حيدر پل جو هڪ حصو مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ ٻئي حصي تي ڪم تيزي سان جاري آهي، يلو لائين بي آر ٽي سان لاڳاپيل فيصلا عوام ۽ منصوبن جي مفاد کي نظر ۾ رکندي ڪيا پيا وڃن.
هن چيو ته منصوبن جي وقت سر مڪمل ٿيڻ لاءِ عالمي بئنڪ جي وڌيڪ ۽ وقتائتي مدد گهربل آهي.
سرڪلر ريلوي، ڪراچي کان سکر تائين هاءِ اسپيڊ ٽرين منصوبو، سنڌ حڪومت پاران عالمي بئنڪ کي سهڪار جي اپيل
You might also like