ڏکڻ آفريڪا کي ڀارت کي مات ڏئي پاڪستان جي پوزيشن مضبوط ڪري ڇڏي

گوهاٽي (ويب ڊيسڪ) هوم گرائونڊ تي هڪ ٻي وائيٽ واش شڪست کانپوءِ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي پوائنٽس ٽيبل تي پاڪستان کان هيٺ ٿي وئي آهي.
اربع ڏينهن ڏکڻ آفريڪا گوهاٽي ٽيسٽ ۾ ڀارت کي 408 رنسن جي وڏي مارجن سان شڪست ڏئي سيريز ۾ 0-2 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي.
ڏکڻ آفريڪا، ڀارت کي ٻي اننگز ۾ 549 رنسن جو هدف ڏنو ، پر سڄي ڀارتي ٽيم 140 رنسن تي ڍير ٿي وئي، اهڙي طرح ڏکڻ آفريڪا 25 سالن کانپوءِ ڀارتي سرزمين تي ٽيسٽ سيريز کٽڻ جو اعزاز حاصل ڪيو.
ڀارت کي گوتم گمڀير جي ڪوچنگ ۾ ٻيو ڀيرو گهرو سيريز ۾ وائيٽ واش جو منهن ڏسڻو پيو، ان کان اڳ 2024 ۾ نيوزيلينڊ به ڀارت جو غرور مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو هو.
ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي پوائنٽس ٽيبل موجب، آسٽريليا پهرئين، ڏکڻ آفريڪا ٻئي ۽ سريلنڪا ٽئين نمبر تي موجود آهي.
ڏکڻ آفريڪا هٿان ڀارت جي شڪست کانپوءِ پاڪستان چوٿين، جڏهن ته ڀارت پنجين نمبر تي هليو ويو آهي.
ٻئي پاسي مسلسل شڪست کانپوءِ ڀارتي شوقينن طرفان ڪوچ گوتم گمڀير ۽ ٽيم تي سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.