قائدِ اعظم ٽرافي: محمد موسيٰ جي ٻٽي هيٽرڪ، اسلام آباد جي پشاور کي شڪست

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ريجن جي فاسٽ بالر محمد موسى قائداعظم ٽرافي 2025-26 ۾ ڊبل هيٽ ٽرڪ ڪندي تاريخ رقم ڪري ڇڏي.
قائداعظم ٽرافي جي آخري رائونڊ ۾ ڊائمنڊ ڪرڪيٽ گرائونڊ اسلام آباد ۾ کيڏيل ميچ ۾ محمد موسى پشاور جي خلاف 4 بالن تي 4 وڪيٽون ورتيون.
محمد موسى جي شاندار ڪارڪردگي گذريل 10 سالن دوران قائداعظم ٽرافي ۾ پهرين ڊبل هيٽ ٽرڪ آهي.
محمد موسى اِهو ڪارنامو پشاور جي خلاف ٻي اننگز ۾ انجام ڏنو ڏنو، جڏهن ته پهرين اننگز ۾ به هن 5 وڪيٽون حاصل ڪيون هيون.
محمد موسى جي شاندار بالنگ جي مدد سان اسلام آباد پشاور جي خلاف اننگز ۽ 77 رنسن تان ڪاميابي فتح حاصل ڪئي ۽ قائداعظم ٽرافي ۾ پنهنجي سفر جي پڄاڻي بهتر ڪارڪردگي سان ڪيو.
ياد رهي ته سيالڪوٽ ۽ ڪراچي بلو جون ٽيمن اڳ ئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري چڪيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.