اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي فرنچائز ملتان سلطانز جي مالڪ علي ترين ٽيم کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
علي ترين ملتان سلطانز کان پنهنجي عليحدگي جو اعلان سوشل ميڊيا پوسٽ ذريعي ڪيو.
پنهنجي پوسٽ ۾ علي ترين لکيو ته ”ملتان سلطان جو حصو بڻجڻ منهنجي زندگيءَ جو سڀ کان وڏو اعزاز رهيو، مان مداحن سان محبت ڪريان ٿو، مان هن ٽيم سان محبت ڪيان ٿو ۽ مون کي ڏکڻ پنجاب جي نمائندگي ڪرڻ تي تمام گهڻو فخر آهي.“
هن چيو”هر سيزن ۾ مان پنهنجي رانديگرن ۽ اسٽاف کي ٻڌائيندو هوس ته ان خطي جي نمائندگيءَ جو ڇا مطلب آهي، اِها هڪ اهڙي جاءِ آهي جتي ماڻهو سخت محنت ڪندا آهن.“
علي ترين چيو ته”هر سال مالي نقصان باوجود مان ڪڏهن به ان کان پري رهڻ بابت نه سوچيو هو.“
هن واضع ڪيو ته ”مان ڄاڻان ٿو ته مان هر ڪنهن جو پسنديده نه آهيان، پر سدائين ايماندار رهيس ۽ هميشه پنهنجي راءِ واضح انداز ۾ بيان ڪئي.“
علي ترين موجب، جيڪڏهن هتي رهڻ دوران اصولن تي سوديبازي ڪرڻي پوي، ته هن وٽ رڳو هڪ ئي آپشن آهي ته ”مان اُٿي بيهي ٽيم کي ڇڏڻ پسند ڪندس پر گوڏن ڀر ويهي ان جا معاملا نه سنڀاليندس.“
علي ترين وڌيڪ چيو ته” هي پڄاڻي آهي، مهرباني ڪري ڄاڻي وٺو ته هي ٽيم هميشه رڳو مالڪ کان وڌيڪ رهي آهي، هي توهان جي ۽ ڏکڻ پنجاب جي ٽيم آهي، تنهنڪري جيڪو به نئون مالڪ طور سلطانز جي قيادت ڪري، مهرباني ڪري ساڳئي جوش ۽ جذبي سان سندس حمايت ڪريو.“
You might also like