منرل واٽر پيئندڙ خبردار، 26 برانڊ خطرناڪ قرار، ڪهڙا ڪهڙا آهن؟ ڄاڻيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ وڪرو ٿيندڙ 26 منرل واٽر برانڊ غير معياري قرار ڏنا ويا آهن ۽ شهرين کي احتياط جو مشورو ڏنو ويو آهي.
پاڪستان ڪائونسل آف ريسرچ ان واٽر ريسورسز (پي سي آر ڊبليو آر) پاڻي جي مختلف برانڊن جي تجزياتي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي، جنهن ۾ جولاءِ کان سيپٽمبر دوران ملڪ ۾ وڪرو ٿيندڙ 205 مان 26 برانڊن کي غير معياري قرار ڏنو ويو آهي.
رپورٽ موجب ڪيميڪل ۽ صحت جي لحاظ سان غير معياري قرار ڏنل برانڊن ۾ سوڊيم جي وڌيڪ مقدار جي نشاندهي ٿي.
پاڻي جي 4 برانڊن جي نمونن ۾ سوڊيم جو مقدار وڌيڪ، جڏهن ته 5 برانڊن ۾ سنکيو، 2 برانڊن ۾ ٽي ڊي ايس مقرر مقدار کان وڌيڪ هو ۽ 2 برانڊن ۾ پوٽاشيم، جڏهن ته 17 برانڊ هاڃيڪار جراثيمن سان گدلا نڪتا.
سوڊيم جي گهڻي مقدار وارن برانڊن ۾ پيو ڊرنڪنگ واٽر، الٽسن ۽ پيوريفا شامل آهن، جڏهن ته سنکيو وارن برانڊن ۾ نيچرل پيور لائف، ايڪوا نيسٽ، پريميم صفا پيوريفائڊ واٽر، پيو پاني بوتل ڊرنڪنگ واٽر ۽ وولگا شامل آهن.
رپورٽ موجب مائي پيور واٽر، سمارٽ پيور لائف، اي ٽو ذي پيور ڊرنڪنگ واٽر، نيو مهراڻ، زلمي، پيور لائف، دير ڊرنڪنگ واٽر، ڊريم پيور، گلف، ڪرسٽل ايڪوا، روحا واٽر، پيور ڊرنڪنگ واٽر، پريميم ڊرڪنگ واٽر، فريش ايڪوا، ايشيا هيلٿي ڊرنڪنگ واٽر، آئس برگ، لاثاني، مايا پريميم به نقصانڪار نڪتا.
اهي برانڊ انساني صحت لاءِ خطرناڪ قرار ڏنا ويا آهن ۽ پي سي آر ڊبليو آر شهرين کي مشورو ڏنو آهي ته پيئڻ جي پاڻي جي خريداري ۾ احتياط ڪن ۽ رڳو منظور ٿيل محفوظ برانڊن جو استعمال ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.