واشنگٽن( ع آ نيوز) پاڪستاني معيشيت بابت عالمي ادارن ۽ سيڙپڪارن جو اعتماد تيزيءَ سان بحال ٿيڻ لڳو آهي. پاڪستاني معيشيت بابت عالمي ادارن ۽ سيڙپ ڪارن جو اعتماد تيزيءَ سان بحال ٿيڻ لڳو آهي، جنهن جو واضح ثبوت پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ غير معمولي تيزي آهي جيڪا ملڪ جي قيادت جي وژن، معاشي اصلاحات ۽ بهتر گورننس تي پورو اعتماد کي ظاهر ڪري ٿي. ملڪي استحڪام، شفافيت ۽ مالي نظم و ضبط جي ڪري اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ مسلسل تيزي ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي. عالمي رسالي بلوم برگ مطابق، پاڪستان جي ننڍن سيڙپڪارن ذخيري ۾ 40 سيڪڙو واڌ ڪئي آهي. 2025 ۾ 100 انڊيڪس ۾ 40 سيڪڙو اضافو پاڪستان کي ايشيا جي بهترين مارڪيٽ بڻائي ٿو. سالن جي سياسي بي يقيني کان پوء اسٽاڪ مارڪيٽ جو هي اعتماد پاڪستاني معيشيت جي صحيح سمت ۾ اڳتي وڌڻ جو ثبوت آهي. بلوم برگ جو چوڻ آهي ته 2023 ۾ پاڪستان ڏيوالي نڪرڻ جي دروازي تي پهچي چڪو هو پر هاڻي صورتحال ڊرامائي طور تي بهتر ٿي آهي. حڪومتي استحڪام، مضبوط سڌارن ۽ خطري کان پاڪ سيڙپڪاري پاڪستانين کي وڏي تعداد ۾ اسٽاڪ مارڪيٽ ڏانهن راغب ڪيو آهي. صرف سيپٽمبر جي ٽئين ٽهائِي ۾ 36 هزار کان وڌيڪ نوان ٽريڊنگ اڪائونٽ کوليا ويا. آڪٽوبر ۾ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو روزاني تجارتي حجم 200 ملين ڊالر تائين پهتو، جيڪو 2017 کان پوء سڀ کان وڌيڪ آهي. رپورٽ موجب، 2025 ۾ مؤثر معاشي سڌارن جي بدولت ايس اين ڊي گلوبل ريٽنگز ۽ فِچ ريٽنگز پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ بهتري ڪئي. عالمي ريٽنگز ۾ بهتري کي مالي نظم و ضبط ۽ حڪومتي اصلاحاتي قدمن تي بين الاقوامي سطح تي اعتماد جي اظهار طور ڏٺو پيو وڃي.بلومبرگ پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته آمريڪا سان تعلقات جي بحالي ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ بهتري ۾ پاڪستان جي فوجي قيادت اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. فوجي قيادت جي 2030 تائين توسيع کي سياسي ۽ معاشي استحڪام جي علامت سمجهيو وڃي ٿو.