شعيب ملڪ سان رشتو ختم ٿيڻ کانپوءِ ثانيا مرزا کي دورا پوڻ جو انڪشاف

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا پنهنجي زندگي ۾ آيل ڏکئي وقت تي کليل نموني ڳالهايو آهي.
ثانيا پنهنجي بهترين دوست ۽ مشهور فلمساز فرح خان سان گڏ ”سرونگ اٽ اپ ود ثانيا“ ۾ گفتگو ڪندي طلاق کانپوءِ پيش ايندڙ ڏکيائين تي ڳالهايو.
پٽ جي اڪيلي سر پرورش ۾ ڏکيائين بابت ڳالهائيندي فرح خان چيو ته ثانيا هاڻ سنگل مدر آهي، ان کان وڌيڪ ڏکيو ٻيو ڪو ڪم ناهي.
ان دوران ثانيا مرزا اعتراف ڪيو ته ماءُ بڻجڻ کانپوءِ ڪم ڪرڻ ۽ پڙهڻ اڪثر کيس ٿڪائي ڇڏيندو آهي.
هن چيو ته مان اها ڳالهه ڪيمرا سامهون نٿي ڪرڻ چاهيان پر اهو هڪ اهڙو موقعو هو، جڏهن مان گهڻي تڪليف ۾ هيس.
فرح خان چيو ته مان ڊڄي وئي هيس، ڇو ته ان کان اڳ ڪڏهن ثانيا کي پينڪ اٽيڪ (گهٻراهٽ جا دورا) پوندي نه ڏٺو هو، مان ثانيا کي سڀ کان ڏکئي وقت ۾ ڏٺو.
واضح رهي ته شعيب ملڪ ۽ ثانيا مرزا وچ ۾ 2024 ۾ طلاق ٿي وئي هئي، ٻنهي جو هڪ پٽ اذهان مرزا ملڪ آهي، جيڪو ثانيا سان گڏ رهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.