آءِ سي سي جو پاڪستان خلاف ايڪشن، وڏي خبر اچي وئي

دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) سريلنڪا خلاف پهرين ون ڊي ۾ سلو اوور ريٽ تي پاڪستان ٽيم تي ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو.
آءِ سي سي موجب 11 نومبر تي راولپنڊي ۾ کيڏيل ون ڊي ميچ ۾ پاڪستان ٽيم تي سلو اوور ريٽ تي ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي.
آءِ سي سي چيو ته پاڪستان تي ميچ فيس جو 20 سيڪڙو ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي، پاڪستان ٽيم مقرر وقت ۾ 4 اوور گهٽ ڪرايا.
هوڏانهن پاڪستان جي ڪپتان شاهين آفريدي غلطي تسليم ڪندي آءِ سي سي جي سزا قبول ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.