قومي ڪرڪيٽر پاڪستان جو دورو جاري رکڻ تي سريلنڪن ٽيم جا ٿورائتا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن پاڪستان جو دورو جاري رکڻ تي سرينلڪن ٽيم جا ٿورا مڃيا آهن.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان جاري ڪيل وڊيو ۾ ون ڊي ٽيم جي ڪپتان شاهين آفريدي سرينلڪن ٽيم جا ٿورا مڃيندي چيو ته شوقين سڀاڻي ميچ ڏسڻ لاءِ راولپنڊي اسٽيڊيم ضرور اچن.
ان کانسواءِ محمد رضوان، حارث رئوف، سلمان علي آغا ۽ ابرار احمد به سرينلڪن ڪرڪيٽ بورڊ ۽ سريلنڪن ٽيم جا ٿورا مڃيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.