ترميمن سان عمران خان کي عوام جي دلين مان نٿا ڪڍي سگهو\شاهد خٽڪ

اسلام آباد(بيورو)پي ٽي آءِ ايم اين اي شاهد خٽڪ چيو آهي ته عمران خان ٻه اڍائي سالن کان مضبوطي سان جيل ڪاٽي رهيو آهي،توهان کي اندازو ئي ناهي ته هو ڪيترو مضبوط آهي.قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته هن ايوان جي جيڪا به قانون سازي آهي ان جو مک سبب صرف ۽ صرف عمران خان جو رستو روڪڻ لاءِ آهي،عمران خان هڪ نظرئي جو نالو آهي،25 ڪروڙ عوام جي دلين ۾ رهندڙ اڳواڻ آهي،هن چيو ته عمران خان سڄي ملڪ ۾ مقبول ترين اڳواڻ آهي،توهان انهن ڪاغذن جي ڪجهه ٽڪڙن سان عمران کي عوام جي دل ۽ دماغ مان نٿا ڪڍي سگهو،توهان کي عمران خان کان ايترو ئي خوف آهي جو آئين ئي تبديل ڪري رهيا آهيو پوءِ ڇو جيل وڃي هن سان ڳالهيون نٿا ڪريو؟پاڪستان جي بهتري لاءِ هو توهان سان ڳالهيون ضرور ڪندو،توهان عمران خان کي هارائي نٿا سگهو،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.