عظيم ترين فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو رٽائرمينٽ بابت اعلان ڪري ڇڏيو

جڳ مشهور فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو 2026 جي ورلڊ ڪپ کي پنهنجي ڪيريئر جو آخري ايونٽ قرار ڏئي ڇڏيو.
هڪ انٽرويو ۾ ڪرسٽيانو رونالڊو اعلان ڪيو ته ايندڙ ورلڊ ڪپ منهنجي فٽبال ڪيريئر جو آخري ورلڊ ڪپ هوندو، ايندڙ ورلڊ ڪپ تائين مان 41 سالن جو ٿي ويندس.
هن چيو ته مان ايندڙ هڪ يا ٻن سالن ۾ فٽبال تان رٽائر ٿيڻ جو به ارادو رکان ٿو.
واضح رهي ته پرتگال اڃا تائين 2026 جي ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفاءِ ناهي ڪيو.
ان کان اڳ ڪرسٽيانو رونالڊو هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته 40 سالن جي عمر ۾ شاندار ڪيريئر کي عروج سان جاري نٿو رکي سگهان، هاڻ رٽائرمينٽ وٺڻ بابت سوچي رهيو آهيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.