بئنڪاڪ(ويب ڊيسڪ)ٿائيلينڊ ۾حسن (مس يونورس) جي عالمي مقابلي ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندڙ روما رياض سندس رنگ تي تنقيد ڪندڙن کي ست سريون ٻڌائي ڇڏيون.
روما رياض مس يونورس جي عالمي مقابلي ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهي آهي، جيڪو 21 نومبر تي ٿائيلينڊ ۾ ٿيندو.
مس يونورس پاڪستان انسٽاگرام تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي، جنهن ۾ هن پنهنجي رنگ تي ٿيندڙ تنقيد جو جواب ڏنو.
هنن چيو ته اهي تبصرا گهڻي ڀاڱي رنگ پرستيءَ مان پيدا ٿين ٿا، جيڪي ماڻهن کي اهو سيکارين ٿا ته گوري رنگ جي واکاڻ ڪريو ۽ پنهنجون اصل جڙون وساري ڇڏيو.
روما رياض جو چوڻ هو ته هوءَ پنهنجي جڙن، قدرن ۽ پنهنجي چمڙي جي هر رنگ سان پاڪستاني آهي.
هن وڌيڪ چيو ته سندس چمڙي اهڙين عورتن جي رنگ جهڙي آهي، جن اسان جا گهر، خاندان آباد ڪيا ۽ پنهنجي قوم کي دل ۾ جاءِ ڏني.
روما رياض چيو ته هوءَ فخر سان پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهي آهي، پر ان سان گڏوگڏ هوءَ ڏکڻ ايشيائي عورتن جي هڪ نئين نسل جي نمائندگي به ڪري رهيون آهن جيڪي سماج جي تنگ نظر معيار ۾ فٽ نه ٿيون ويهن.
ويڊيو ۾،اردو ۾ پاڪستانين لاءِ مخصوص پيغام ۾ روما رياض سوال ڪيو ته نيٺ ماڻهو پنهنجن ئي ماڻهن کان نفرت ڇو ڪندا آهن؟
هن چيو ته هوءَ دنيا کي ٻڌائيندي آهي ته پاڪستاني ملڪ جي سڀ کان خوبصورت شيءِ آهن، پر هاڻي دنيا پُڇي ٿي ته اُهي ئي ماڻهو مون بابت ناڪاري ڳالهيون ڇو پکيڙي رهيا آهن.
روما رياض چيو ته هوءَ دنيا کي پاڪستان جي هاڪاري تصوير ڏيکارڻ جي پوري ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ چاهي ٿي ته ماڻهو سندس ڪوششن کي ضايع ٿيڻ نه ڏين.
هن چيو ته هر ڪنهن کي پنهنجي راءِ رکڻ جو حق آهي، پر جيڪڏهن توهان وٽ ڪجهه سٺو چوڻ لاءِ ناهي ته مهرباني ڪري پاڪستان جي عزت لاءِ ڪجهه نه چئو.
مان پنهنجون پاڙون نه وساريون آهن، اخلاقي قدرن، چمڙي جي هر رنگ سان پاڪستاني آهيان: روما رياض
Prev Post
You might also like