وڪيلن طرفان 27هين ترميم خلاف 14 نومبر تي ڌرڻي جو اعلان

حيدرآباد (رپورٽر) سنڌ جي وڪيلن 27ھين ترميم کي مڪمل طور تي رد ڪندي 14 نومبر تي سمورين ڪورٽن جي  ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري ڊسٽرڪٽ ڪورٽ کان ريلي ڪڍي واڌو واھ باءِ پاس تي ڌرڻي هڻڻ جو اعلان ڪيو آهي. حيدرآباد ۾ آل سنڌ لائيرز ايڪشن ڪميٽي جو ڪنوينشن ٿيو. ڪنويشن ۾ ڪميٽي جي سيڪريٽري ايڊووڪيٽ اسرار چانگ، ڪي بي لغاري، عامر وڙائچ، الطاف سچل اعواڻ، حسيب جمالي، حق نواز ٽالپر، سجاد چانڊيو، اشرف سمون، مير احمد مڱريو، اشعر مجيد کوکر، بابر مسعود رسول ميمڻ، سيد طارق شاھ، علي اڪبر بروهي، جاويد بليدي، رشيد راڄر، لياقت سھتو، ميان تاج محمد ڪيريو، نورالحق قريشي، انيس رحمان سميت ٻيا وڪيل وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا. ڪنوينشن ۾ عورت وڪيلن به وڏي انگ ۾ شريڪ ٿي ترميم نامنظور جا زوردار نعرا ھنيا، اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته 27ھين ترميم ملڪي آئين تي راتاھو آھي. تنهن ڪري اسين ان کي ڪنھن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين. هنن چيو ته سنڌ جو ورھاڱو ڪنهن به صورت ۾ قبول ناھي ان خلاف ڀرپور مزاحمت ڪنداسين. 27هين ترميم سان عدالتي نظام کي مفلوج بڻايو ويو آھي. ڪو به غيرتمند وڪيل ان ترميم کي قبول نه ڪندو. راتورات ترميمون آڻي ملڪ کي ٽوڙڻ جي سازش ٿي رھي آھي. اسان سنڌ جي ماڻھن سان گڏ بيٺل آھيون ٻٻرلوء وارو ڌرڻو وسري ويو آھي ڇا هنن چيو ته 27هين ترميم واپس نه ورتي وئي ته ھڪ ڀيرو ٻيھر روڊن تي ھونداسين. ايندڙ ترميم نه رڳو آئين تي راتاھو آھي پر گڏوگڏ ملڪ خلاف وڏي سازش به آھي، اسان ڪنھن به صورت ۾ سنڌ جو ورھاڱو قبول نه ڪنداسين، وسيلن تي ڌاڙو ھڻڻ نه ڏينداسين، اسين اھڙي ترميم کي قبول نه ڪنداسين جيڪا عوام جي مفادن خلاف ھجي. ھنن چيو ته ھن ترميم ذريعي عدالتن کي مڪمل طور مفلوج بڻائڻ جي ڪوشش ٿي رھي آهي. ترميم منظور ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي مرضي جا جج آندا ويندا. جيڪي ڊڪٽيشن تي مقرر ٿيل ھوندا. ھنن چيو ته ترميم جو مقصد خاص ڪري سنڌ کي وڌيڪ نقصان ڏيڻ آھي. اين ايف سي ايوارڊ مان سنڌ جو حصو گھٽايو ويندو آئيني عدالتون ٺاھي پنهنجي مرضي جا جج لڳايا ويندا. جنهن جو مطلب ته سڄي عدالتي نظام کي کوکلو ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.