وزيراعظم ايم ڪيو ايم جو مقامي حڪومتن بابت بل منظور ڪيو ۽ ڀرپور حمايت به ڪئي: مصطفيٰ ڪمال

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته اڄ ڪابينا جي اجلاس ۾ بلدياتي حڪومتن تي ايم ڪيو ايم جو تجويز ڪيل بل غور هيٺ آيو .
مصطفيٰ ڪمال پنهنجي بيان ۾ چيو ته وزيراعظم نه رڳو ايم ڪيو ايم جي تجويز ڪيل بل کي منظور ڪيو پر ان جي مڪمل حمايت پڻ ڪئي، جيڪا ايم ڪيو ايم لاءِ وڏي ڪاميابي آهي.
وفاقي وزير موجب، قانون واري وزير چيو ته 27هين ترميم وارو بل جنهن ڪميٽي ڏانهن ويندو، اتي بلدياتي بل اڳ ۾ موجود آهي ۽ ڪوشش هوندي ته ان کي ٻين جماعتن جي پڻ حمايت حاصل ٿئي.
مصطفيٰ ڪمال وڌيڪ چيو ته مسلم ليگ (ن)، مسلم ليگ (ق) ۽ استحڪام پاڪستان پارٽي اڳ ۾ ئي بلدياتي حڪومت واري بل جي حمايت ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.