سون اگهه ۾ لاٿ جو سلسلو جاري، وڌيڪ سستو ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ اڄ سون جي اگهه ۾ معمولي لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ في تولو سون 600 رپيا لاٿ بعد 4 لک 22 هزار 462 رپين جو ٿي ويو.
ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته 10 گرام سون 514 رپيا سستو ٿيڻ بعد 3 لک 62 هزار 193 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس سون 6 ڊالر گهٽجڻ سان 4001 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.