اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آئين ترميم لاءِ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ٻنهي ۾ الڳ الڳ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت جي گهربل هوندي آهي، هن وقت 27هين آئيني ترميم لاءِ سينيٽ مان 64 ۽ قومي اسيمبلي مان 224 ميمبرن جي حمايت گهربل آهي.
سينيٽ ۾ پارٽي پوزيشن موجب، حڪومتي بينچز تي پيپلز پارٽي 26 سينٽرن سان سڀ کان وڏي جماعت آهي، جڏهن ته مسلم ليگ نون جا 20، بلوچستان عوامي پارٽي جا 4، ايم ڪيو ايم پاڪستان جا 3، نيشنل پارٽي ۽ پاڪستان مسلم ليگ ق جو هڪ هڪ سينيٽر آهي
ان کانسواءِ حڪومتي بينچز تي 3 آزاد سينيٽرز عبدالڪريم، عبدالقادر ۽ محسن نقوي ويٺا آهن.
ٽي سينيٽرز انوار الحق ڪاڪڙ، اسد قاسم ۽ فيصل واوڊا نه حڪومتي ۽ نه ئي اپوزيشن بينچز تي ويٺا آهن، پر هو حڪومت کي ووٽ ڏين ٿا، جنهنڪري سينيٽ ۾ حڪومت کي 61 ميمبرن جي حمايت حاصل آهي.
اپوزيشن بينچز تي هڪ آزاد سينيٽر نسيمه احسان پڻ آهي، جنهن 26هين آئيني ترميم ۾ حڪومت کي ووٽ ڏنو هو، جڏهن ته اپوزيشن بينچز تي اين پي جا 3 سينيٽر پڻ 26هين آئيني ترميم ۾ حڪومت جي حمايت ۾ ووٽ ڏئي چڪا آهن، جنهن سان حڪومت کي گڏيل طور 65 سينيٽرن جي حمايت حاصل ٿي سگهي ٿي.
اپوزيشن بينچز تي پي ٽي آءِ جا 14 ميمبر آهن، جڏهن ته 6 آزاد مييمبر پڻ پي ٽي آءِ جي حامي آهن، ۽ هڪ نئون چونڊيل سينيٽر جلد قسم کڻندو، جڏهن ته پي ٽي آءِ حمايت يافتا هڪ آزاد رڪن مراد سعيد اڃا تائين حلف ناهي کنيو.
اپوزيشن بينچز تي جماعت اسلامي پاڪستان جا 7، مجلس وحدت المسلمين جو هڪ ۽ سني اتحاد ڪائونسل جو هڪ سينيٽر موجود آهي، جنهن موجب اپوزيشن بينچز تي 30 ميمبرز اهڙا آهن جيڪي امڪاني طورتي آئيني ترميم جي مخالفت ڪندا.
Next Post
You might also like