لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت ۽ پيپلز پارٽي ۾ پاور شيئرنگ تي بريڪ ٿرو جو امڪان پيدا ٿي ويو آهي.
پنجاب حڪومت جي ذريعن موجب، مسلم ليگ (ن) جي پنجاب قيادت پيپلز پارٽي جا خدشا ختم ڪري ڇڏيا آهن
ذريعن جو چوڻ آهي ته (ن) ليگ پيپلز پارٽي جي 30 ايم پي ايز ۽ ٽڪيٽ هولڊرن جي تڪن لاءِ ترقياتي فنڊ ڏيڻ جي يقين پڪ ڏياري آهي.
پنجاب حڪومت جي ذريعن موجب، قانون واري کاتي ۾ لا آفيسرن جي ڀرتين ۾ به پيپلز پارٽي کي حصو ملڻ جو امڪان آهي.
ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ڊسٽرڪٽ ڪو آرڊينيشن ڪميٽين ۾ به پ پ ميمبرن ۽ ٽڪيٽ هولڊرن کي شامل ڪرڻ جو امڪان آهي.
You might also like