پٽيلَ جي پاور فُل پرفارمنس، ڀارت چوٿين ٽي ٽوئنٽي ۾ آسٽريليا کي مات ڏئي ڇڏي

ڪارارا (ويب ڊيسڪ) ڀارت چوٿين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ آسٽريليا کي 48 رنسن تان هارائي پنجن ميچن تي ٻڌل سيريز ۾ 1-2 جي سرسي حاصل ڪري ورتي.
ڪارارا اوول ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ مچل مارش ٽاس کٽي پهريان ڀارت کي بيٽنگ جي دعوت ڏني.
ڀارت پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ اٺ وڪيٽن جي نقصان تي 167 رنسون ٺاهيون. شُڀمَن گل 46 ۽ اڀيشيڪ شرما 28 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.
ٻين رانديگرن ۾ ڪپتان سوريا ڪمار يادَو 20، شيوم دوبي 22، واشنگٽن سُندر 12 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، جڏهن ته اڪشر پٽيل 21 رنسن جي ناٽ آئوٽ اننگز کيڏي.
آسٽريليا طرفان ايڊم زمپا ۽ نيٿن ايلس 3، 3 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته مارڪوس اسٽوئنس ۽ زيويئر بريٽليٽ هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
ڀارت جي 168 رنسن جي هدف پٺيان ڊوڙندڙ آسٽريلوي ٽيم 119 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
ڪپتان مچل مارش 30 ۽ ميٿيو شارٽ 25 رنسون ٺاهي اڳڀرا رهيا، جوش انگلس 12، ٽِم ڊيوڊ 14، جوش فلپي 10 ۽ مارڪوس اسٽوئنس 17 رنسون ٺاهي سگهيا.
گلين ميڪسويل 2، بين ڊرويش 5، زيويئر بريٽليٽ ۽ ايڊم زمپا کاتو کولڻ بنا پويلين موٽيا.
ڀارت طرفان واشنگٽن سُندر 3 وڪيٽون ورتيون، شيوم دوبي ۽ اڪشر پٽيل 2، 2 وڪيٽون حاصل ڪيون، جڏهن ته ارشديپ سنگهه ۽ جسپريت بُمرا جي حصي ۾ هڪ هڪ وڪيٽ آئي.
آل رائونڊ ڪارڪردگي تي اڪشر پٽيل کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.