ايران به پاڪستان ۽ سعودي عرب جي دفاعي معاهدي ۾ شموليت جو خواهشمند

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايران پاڪستان ۽ سعودي عرب جي دفاعي معاهدي ۾ شامل ٿيڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي.
پاڪستان جي دوري تي آيل ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي چيو ته ان معاهدي ۾ ايران کي به شامل ڪرڻ گهرجي.
هن چيو ته او آءِ سي کي نيٽو جهڙي اسلامي ملڪن جي گڏيل فوج جوڙڻ گهرجي، جڏهن ته پاڪستان سميت ٻين اسلامي ملڪن کي رڳو فلسطينين جي تحفظ ۽ مدد لاءِ پنهنجي فوج غزا موڪلڻ گهرجي، اهڙو ڪو قدم نه کڻڻ گهرجي، جنهن سان اسرائيلي قبضو وڌيڪ مضبوط ٿئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.