اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته جيڪڏهن افغانستان سان ڳالهيون ڪامياب نه ٿيون ته فوجي آپشن استعمال ڪرڻو پوندو.
پاڪستان ۽ افغان طالبان رجيم ۾ ڳالهين جو نئون دور شروع ٿيڻ کان اڳ پنهنجي بيان ۾ خواجا آصف چيو ته پاڪستان جو واحد مطالبو واضح آهي، افغان سرزمين تان اسان جي سرزمين تي حملا بند ٿين.
هن چيو جيڪڏهن ڳالهيون ناڪام ٿيون ته صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي، اسان وٽ اختيار موجود آهن، جيئن اسان کي نشانو بڻايو پيو وڃي، ائين ئي جواب ڏيڻ تي به غور ڪري سگهجي ٿو.
سندس چوڻ هو ته ڀارت نٿو چاهي ڳالهيون ڪامياب ٿين، اهو چاهي ٿو ته پاڪستان دهشتگردي ۾ وچڙيل رهي، جيڪڏهن ڳالهين ۾ اڳڀرائي نه ٿي ته حڪمت عملي جا سمورا آپشن غور هيٺ ايندا.
You might also like