ڪراچي (ويب ڊيسڪ)پاڪستاني ڪرڪيٽر اعظم خان چيو آهي ته بابر اعظم جي شهرت ۽ ڪاميابي ڪجهه اڳوڻن ڪرڪيٽرن کان هضم نٿي ٿئي.
ويجهڙ ۾ اعظم خان هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ مهمان طور شرڪت ڪئي، ڪرڪيٽر پنهنجي ڪيريئر بابت دلچسپ ڳالهيون ڪيون ۽ بابر اعظم جي باري ۾ پڻ پنهنجو موقف پيش ڪيو.
سندس چوڻ هو ته بابر اعظم گذريل ڏهه سالن دوران پاڪستان جو هڪڙو ئي ٽيلينٽيڊ بيٽر آهي، بابر کان اڳ پاڪستان ڪرڪيٽ رڳو فاسٽ بالرن طور ڄاتي ويندي هئي، پر هن پاڪستان کي بيٽنگ جي ڪري سڃاڻپ ڏني.
اعظم خان چيو ته جڏهن ويرات ڪوهلي پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي ته سندس ڀرپاسي وي وي ايس لڪشمڻ، سچن ٽنڊولڪر، سهواگ ۽ ڌوني جهڙا ليجنڊ هئا، پر بابر اعظم جي چوڌاري ڪير هو؟ ڪو به نه.
هن چيو ته گذريل 10 سالن دوران رڳو شاهد آفريدي اهڙو اسٽار هو، جنهن جي ڪري ماڻهو ميچ ڏسڻ تي مجبور ٿيندا هئا ۽ هاڻي اهو ئي اسٽارڊم بابر اعظم وٽ آهي.
هو بيٽنگ لاءِ ميدان ۾ اچي ٿو ته ماڻهو خوش ٿين ٿا ۽ منهنجو خيال آهي ته اهو سڀ ڪجهه اڳوڻن ڪرڪيٽرن کان هضم نٿو ٿئي.
اعظم خان وڌيڪ چوڻ هو ته اڳوڻا ڪرڪيٽر به شايد ايڏي ئي مشهور ماڻي سگهن ها جيڪڏهن ان وقت سوشل ميڊيا موجود هجي ها.
واضح رهي ته بابر اعظم کي ڪيترائي اڳوڻا ڪرڪيٽر سندس اسٽرائيڪ ريٽ، قيادت ۽ راند جي انداز تي تنقيد جو نشانو بڻائيندا رهندا آهن.
You might also like