آئين آسماني صحيفو ناهي، جنهن ۾ تبديلي نه ٿي ڪري سگهجي: قانون وارو وزير

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قانون ۽ انصاف واري مملڪتي گهرو وزير بئريسٽر عقيل چيو آهي ته آئين ڪو آسماني صحيفو نه آهي، جنهن ۾ تبديلي نه ٿي ڪري سگهجي.
نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي مملڪتي وزير چيو ته ته اهو تاثر غلط آهي ته 26هين آئيني ترميم دوران ڪنهن جي رٽائرمينٽ سبب جلدبازي ڪئي وئي، جڏهن ته 27هين ترميم آڻڻ جي به ڪا به تڪڙ ناهي، سمورن معاملن تي صلاح مشورا ٿيندا.
هن چيو ته 27هين ترميم قومي مفادن سان لاڳاپيل معاملو آهي، اهو ڪم گهڻي وقت کان آن اينڊ آف هلي رهيو هو، ڳالهه ڪنهن سياسي جماعت جي فائدي يا نقصان جي ناهي ۽ نه ئي آئين ڪو آسماني صحيفو آهي، جنهن ۾ تبديلي نه ٿي سگهجي.
بئرسٽر عقيل چيو ته مخالف ڌر ڪنهن به ڳالهه کي ڏسڻ يا سمجهڻ کانسواءِ سياسي بيان بازي شروع ڪري ڇڏي آهي، اپوزيشن کي گهرجي ته اسٽينڊنگ ڪميٽي ۽ پارليامينٽ جي فلور تي پنهنجي راءِ پيش ڪري، پيپلز پارٽي جي ايگزيڪٽيو ڪميٽيءَ جو جيڪو موقف هوندو، ان تي غور ڪيو ويندو.
مملڪتي وزير چيو ته وفاق اين ايف سي جو 57 سيڪڙو حصو صوبن کي ڏئي ٿو، جڏهن ته وفاق تي پينشن جو بار آهي، دفاعي خرچ، سماجي تحفظ ۽ قرضن جي ادائيگي به وفاق کي ڪرڻي پوي ٿي.
هن وڌيڪ چيو ته وفاق خرچ برداشت ڪري ۽ صوبن جو احتساب نه ٿئي، اهو ڏسڻو پوندو، ڏسڻو پوندو ته وفاق جي ٻوجهه ۾ ڪهڙي ريت گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي، وفاق جي خرچن ۾ گهٽتائي لاءِ صوبن کي به برابر جو حصو ڏيڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.