غني امان ۽ سرمد کي اي ٽي سي ۾ پيش نه ڪيو ويو، وارثن جون دانهون

ڪراچي (رپورٽر) سي ٽي ڊي طرفان گهران ۽ اسپتال مان کنڀيل گرفتار ڪيل غني امان چانڊيو ۽ سرمد ميراڻي کي اي ٽي سي ۾ پيش نه ڪيو ويو، غني امان ۽ سرمد ميراڻي کي عدالت ۾ پيش نه ڪرڻ تي وارث روئيندا ۽ رڙيون ڪندا رهيا، غني امان ۽ سرمد کي اي ٽي سي ۾ پيش ڪرڻ لا۽ جج کي گذارش ڪئي وئي، عورتن عدالت ۾ روئيندي چيو ته اڄ ستون ڏينهن آهي غني امان کي آزاد ناهي ڪيو ويو، عدالتي حڪم کي هوا ۾ اڏايو ويو آهي، اسان چريا ٿي ويا آهيون، غني امان موٽائي ڏيو، هو دهشتگرد ناهي، سنڌو امان چيو ته ڀلي ماري ڇڏيو پر جدوجهد تان هٿ نه کڻنداسين، عدالت نوجوانن کي ڪيس مان بري ڪيو، سي ٽي ڊي هنن کي آزاد ناهي ڪيو، عدالت جو چوڻ هو ته هي ڪيس منهجي هٿ ۾ نه آهي، توهان وڃي مئجسٽريٽ سان رابطو ڪيو، اي ٽي سي جي جج جو چوڻ هو ته سلام آهي  مئجسٽريٽ کي جنهن اهڙو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته شاگرد غني امان چانڊيو ۽ سرمد ميراڻي کي ڪورٽ ۾ پيش نه ڪرڻ تي سياسي سماجي، وڪيلن ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن طرفان سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي، وڪيلن جو چوڻ آهي ته نوجوانن کي عدالت ۾ پيش نه ڪرڻ عدالت جي توهين آهي، عدالتن جي حڪمن کي نه مڃيو ويندو ته پوءِ سخت سوال پيدا ٿيندا، اڄ به نوجوانن کي پيش نه ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.