ماسٽر پلان لاڳو ٿئي ها ته پ پ جا وزير ڪنگال ٿي وڃن ها: ايم ڪيو ايم

ڪراچي (رپورٽر/م ڊ) ايم ڪيو ايم پاڪستان اڳواڻ خواجا اظهار الحسن چيو آهي ته شهري معاملا ماسٽر پلان ذريعي حل ٿيندا آهن. پلان صوبائي اسيمبلي مان پاس ٿيندو آهي، 1968 ۾ ورلڊ بينڪ چيو هوته ڪراچي لاءِ ماسٽر پلان ٺاهيو. اڄ ڏينهن تائين ڪنهن ماسٽر پلان ناهي ٺاهيو. اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن، وڪيلن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته 2007 ۾ ناظم مصطفيٰ ڪمال ۽ ٻين ماهرن گڏجي ڪراچي اسٽريٽجڪ ماسٽر پلان ٺاهيو، جيڪو ڪي ايم سي مان پاس ٿيو. پوءِ 6 سال مڪاني چونڊون نه ٿيون، پ پ ڪڏهن مڪاني چونڊون ئي ناهن ڪرايون. 2013 ۾ ايم ڪيو ايم سپريم ڪورٽ وئي ته ان جي دٻاءَ تي چونڊون ڪرايون. چونڊون ٿيون ته 2010 کان 2015 تائين پ پ جا ايڊمنسٽريٽر رهيا. پوءِ ٻيو نالي ماتر مڪاني نظام آندو ويو، جنهن ۾ ڪراچي ماسٽر پلان جي اٿارٽي لوڪل گورنمينٽ کان کسي وئي. 2018 ۾ وري پيپلزپارٽي سپريم ڪورٽ مان ڪراچي اسٽريٽجڪ ماسٽر پلان منظور ڪيو. منظور ڪرڻ کانپوءِ ان کي لڪايو ويو. ڪراچي ماسٽر پلان لاڳو ٿي وڃي ها ته ڪراچي ۾ موجود نظام، پاڻي مافيا، بلڊنگ مافيا، ڪچرو مافيا، لينڊ مافيا جو ڪاروبار ٺپ ٿي وڃي ها. بدقسمتي سان ڪراچي ڪنهن هڪ اداري جي ڪنٽرول ۾ ناهي، سڀني کي گڏائڻ لاءِ ڪراچي ماسٽر پلان ضروري آهي جيڪو ڪروڙين رپين ۾ ٺهي ويو هو پر لاڳو ٿي وڃي ها ته هي سسٽم بکيو رهجي وڃي ها. ماسٽر پلان لاڳو ٿئي ها ته پ پ جا وزير ڪنگلا ٿي وڃن ها. هي سسٽم جيڪو اربين رپيا پرڏيهه کڻي وڃي رهيو آهي اهو يتيم ٿي وڃي ها، اسان ڪرپشن ۾ ملوث آفيسرن کي نه ڇڏينداسين. هن چيو ته اسان جي وڪيلن جي ٽيم عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪئي. جنهن ۾ چيو ويو ته ڪراچي ماسٽر پلان لاڳو ڪيو وڃي. عدالت ماسٽر پلان تي سڀني ڌرين کي نوٽيس ڪيو آهي. سنڌ حڪومت کي نوٽيس ڪيو آهي، ملٽري لينڊ ڪنٽونمينٽ بورڊ کي ۽ فيڊرل گورنمينٽ کي نوٽيس ڪيو ويو ۽ جواب طلب ڪيو. سڀني عدالت ۾ جواب ڏنو ته اهو لاڳو ٿيڻو ۽ اسان ان تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. عدالت طرفان اهو وڏو فيصلو آيو آهي، ايندڙ ٻڌڻي 2 ڊسمبر تي ٿيڻي آهي ۽ سڀ ادارا حلفي بيان جمع ڪرائيندا. پ پ جي ڳالهه ناهي، شهر ۾ جيڪي به ايجنسيون آهن ڌار ڌار شهر جو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن، شهر ۾ 25 کان 26 سول ايجنسيون آهن جيڪي ڪراچي کي ڌار ڌار ڪراچي بڻائي ويٺيون آهن. ڊفينس، ملير ڪينٽ، فيصل ڪنٽونمينٽ، پورٽ قاسم، ڪي پي ٽي ڌار ڌار ڪراچي آهن. سول ايوي ايشن ته آهي ئي ڪراچي کان الڳ. هن چيو ته حلفي بيان کانپوءِ اسان هنگامي ملاقات ڪنداسين، خالد مقبول صديقي جي سربراهي ۾ وزيراعظم سان ملنداسين ۽ چونداسين ته سڀني وفاقي ادارن کي چئو ته جلد حلفي بيان جمع ڪرائين ۽ ماسٽر پلان تي عمل ڪن. خواجا اظهار الحسن چيو ته هاڻي بيان آيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن موجب 2047 تائين جو ماسٽر پلان آڻي رهيا آهيون، 2027 ۾ بلاول جو ويزن پيو اچي. بلاول ڀٽو زرداري کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اوهان هڪ ڀيرو وري دوکو ٿي رهيو آهي، ڀٽو جو نعرو هڻي سڀ ڦٻائي وٺڻ سولو هوندو آهي، اسان جيڪڏهن اهو نه روڪيون ها ته بلاول جو ويزن جيڪو پيپلزپارٽي پرچار ڪري رهي آهي، ان جو حشر به ائين ئي ٿئي ها جيڪو سولر سسٽم جو ٿيو. بلاول چيو هو ته بجلي فراهم ڪندس، هو ته چئي هليو ويو، سنڌ حڪومت کي ان مان آئيڊيو ملي ويو. بلاول چيو ته مان وزيراعظم نه بڻيس ته اهو ممڪن نه هو پر سنڌ حڪومت چيو ته اسان سولر سسٽم ڏينداسين. ورلڊ بينڪ جا 28 ارب ڦٻايا ويا. هاڻي وري ويزن اچي رهيو آهي ته بلاول کي منٿ ڪريان ته اوهان جي ويزن جي اوٽ ۾ ڪم تمام ٿي رهيو آهي. يا ته اوهان پاڻ ويزن تي عمل ڪرايو يا اسان سان اچي ويهو. ايم ڪيو ايم اڳواڻ چيو ته اسان واپارين سان ملاقاتون ڪنداسين، وڪيلن سان ملاقاتون ڪنداسين. ٻين پارٽين سان ملاقاتون ڪنداسين، پوءِ قومي اسيمبلي ۾ به فيڊرل آڊٽ جو مطالبو ڪنداسين. هن چيو ته پ پ ان دوکي ۾ نه رهي ته هي ارڙهين ترميم آهي، 60 سيڪڙو علائقو دفاع ۽ ملٽري لينڊ جو آهي، ان ۾ ته فوجي ادارا به شامل ٿيندا. پ پ کي ڪرپشن ڪرڻ نه ڏينداسين، فيلڊ مارشل عاصم منير کان به مطالبو آهي ته ڪور ڪمانڊر ذريعي ان جي جاچ ڪرائي وڃي، ملٽري لينڊ موجود آهي. وفاق جون زمينون آهن، ارڙهين ترميم جو معاملو ناهي. ارڙهين ترميم جي ڇٽي ۾ ائين نه ٿيندو. اسان صحيحون مهم شروع ڪري رهيا آهيون جنهن ۾ هڪ لک کان وڌيڪ پٽيشنر عدالت ويندا، جيڪي ماسٽر پلان تي عمل لاءِ عدالت کي استعيفيٰ ڪندا. ماسٽر پلان جو وائيٽ پيپر به ڪراچي شهر ۾ مختلف هنڌن تي لڳايو ويندو. علي خورشيدي معاملي کي ٺهراءُ، التوا واري رٿ، ۽ پوائنٽ آف آرڊر ذريعي ان کي اٿاريندو ۽ سنڌ حڪومت کان جواب طلب ڪندو. قومي اسيمبلي ۾ اسان جا ميمبر ان معاملي کي اٿاريندا. عدالت ۾ وڪيلن جي ٽيم معاملي کي اٿاريندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.