ڪراچي (رپورٽر) سرڪاري ۽ خانگي اسپتالن ۾ کنگهه، زڪام، ڊينگي ۽ مليريا جي ڪيسن ۾ وڏي واڌ ٿي آهي، صحت جي ماهرن ان حوالي سان صلاحون ڏنيون آهن. جيئن جيئن ڪراچي ۾ موسم تبديل ٿي رهي آهي تيئن بيماريون ڪر کڻي رهيون آهن. ڪراچي ۾ ڌوڙ مٽي ۽ روڊن جي حالت شهرين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. صحت کاتو ڊينگي جي ڪيسن جي روزاني رپورٽ جاري نه ڪري رهيو آهي، ڊينگي ۽ مليريا جي رپورٽ 15 ڏينهن يا مهيني جي بنياد تي جاري ڪئي ويندي آهي، صحت کاتي پاران جاري ڪيل انگن اکرن ۾ اسپتالن جا نالا شامل نه آهن. انتظاميا جو چوڻ آهي ته سول اسپتال ۾ کنگهه زڪام جا 100 کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، سول اسپتال ۾ روزانو 10 کان 12 ڊينگي جا ڪيس رپورٽ ٿين ٿا. اسپتال جي ذريعن جو چوڻ آهي ته جناح اسپتال جي ايمرجنسي ۽ او پي ڊي ۾ 150 ڪيس رپورٽ ٿين ٿا، جناح اسپتال ۾ روزانو 15 کان 20 ڊينگي جا مريض رپورٽ ٿي رهيا آهن. خانگي اسپتالن ۾ زڪام ۽ کنگهه جا 200 کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿين ٿا، صحت کاتو موسم جي تبديلي کان پوءِ رپورٽ ٿيل ڪيسن جو ڊيٽا جاري نٿو ڪري. صحت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪنهن کي زڪام آهي ته انهن کي هڪ ٻئي سان هٿ نه ملائڻ گهرجي ۽ ماسڪ استعمال ڪندي وٿي رکڻ گهرجي، جڏهن ته شهرين کي پنهنجي قوت مدافعت وڌائڻي پوندي، جنهن لاءِ انهن کي سٺي خوراڪ کائڻي پوندي.
سنڌ حڪومت ڊينگي سبب فوتگين جا انگ اکر لڪائي پئي:وسيم حسين
حيدرآباد(رپورٽر) متحده قومي موومينٽ پاڪستان سان تعلق رکندڙ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت کان ميئر حيدرآباد ڪاشف علي شورو کي بنا دير هٽائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته ميئر جي لاپرواهي سبب حيدرآباد ڊينگي جي ورچڙهي ويو آهي. سوين ماڻهو فوت ٿيا آهن سڄي شهر ۾ انساني زندگيون داء تي لڳي ويون آهن. پنهنجن ساٿين سان گڏ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايم اين اي سيد وسيم حسين چيو ته حيدرآباد شهر ۾ ڊينگي کان ڪير به محفوظ ناهي رهيو. ڊينگي ۾ وڌيڪ موت ٿي رهيا آهن. سنڌ حڪومت اصل انگ اکر لڪائي رهي آهي. هر گهر ۾ 2 کان 3 مريض ڊينگي ۾ ورتل آهي. پر شهر ۾ اسپري نٿو ڪيو وڃي. هن چيو ته هر يوسي جو 12 لک فنڊ آهي. ميئر حيدرآباد جو الڳ فنڊ آهي. پر خرچ ڪٿي ٿو ٿئي خبر ناهي. هن چيو ته حيدرآباد ۾ سرڪاري اسپتالن جي حالت خراب آهي. روزانو هزارين ڊينگي جا ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن. هن چيو ته حيدرآباد ۾ سوين مريض ڊينگي ۾ فوت ٿيا آهن. هن چيو ته پ پ حيدرآباد ۾ ڌڙابندي جو شڪار هجڻ ڪري ڪم نٿي ڪري سگهي. پر ايم ڪيو ايم هڪ هنڌ بيٺي آهي. هن چيو ته صحافي رپورٽ ڪن ته حيدرآباد ڊينگي جو ڳڙهه بڻجي چڪو آهي. منهنجي والده به ڊينگي ۾ ورتل آهي. هن آرمي چيف عاصم منير کي مخاطب ٿيندي چيو ته حيدرآباد ۾ ڪرپشن جو نوٽيس ورتو وڃي. هن چيو ته 18 هين ترميم تحت سنڌ حڪومت ۽ بلديا کي اختيار ملي چڪا آهن. هاڻ اسيمبلين ۾ آواز اٿارينداسين.
هلندڙ مهيني ڊينگي جا 439 ڪيس رپورٽ:صحت کاتو
ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي صحت کاتي سڄي صوبي ۾ ڊينگي جي تصديق ٿيل ڪيسن بابت تازي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن موجب هن مهيني ۾ صوبي ۾ ڊينگي جا 439 تصديقٿيل ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جنهن کانپوءِ سال 2025ع دوران ڪُل ڪيسن جو تعداد 1083 تي پهچي ويو آهي. سنڌ جي صحت کاتي واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو جو چوڻ آهي ته ڪراچي ڊويزن سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي، جتي 188 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، حيدرآباد ڊويزن ۾ 154 ڪيس، ميرپورخاص ڊويزن ۾ 83، سکر ڊويزن ۾ 10، شهيد بينظيرآباد ڊويزن ۾ 3 جڏهن ته لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ 1 ڪيس رپورٽ ٿيو آهي.ڊاڪٽر عذرا پيچوهو جو چوڻ آهي ته صحت کاتي وٽ ڊينگي جي سڀني تصديق ٿيل ڪيسن جو رڪارڊ موجود آهي. جيڪڏهن ڪو شهري ڪنهن خانگي ليبارٽري مان ٽيسٽ ڪرائي ٿو ته ان جي رپورٽ صحت کاتي جي رڪارڊ ۾ شامل نه ٿيندي آهي. صحت کاتي طرفان جاري ڪيل انگ اکر ئي تصديق ٿيل ۽ مستند آهن. ان ڪري عوام کي اپيل آهي ته ڪنهن به غير تصديق خبر يا سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ اطلاعن تي يقين نه ڪيو وڃي. سڀني ضلعن ۾ اسپري، فاؤگنگ ۽ نيڪال واري نظام کي بهتر ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن.
حيدرآباد ۾ ڊينگي سبب وڌيڪ 2 ڄڻا فوت
حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ ڊينگي انساني زندگين لاءِ خطرناڪ بڻجي ويو. ڊينگي سبب وڌيڪ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا. فوتين جو انگ 13 ٿي ويو. مليل ڄاڻ موجب ڊينگي سبب سوين مريض اسپتال پهتا. جڏهن ته لطيف آباد جو رهواسي نوجوان قاضي ذاڪر ۽ عاصم ميو ڊينگي سبب فوت ٿي ويا آهن. ڊينگي جي واڌ سبب ماڻهن ۾ خوف پکڙجي ويو آهي. حيدرآباد ۾ صحت کاتي سميت سڀئي ادارا ڊينگي جي ڪيسن کي روڪڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي ويا آهن. صحت کاتي جي اربين رپين جي بجيٽ هئڻ جي باوجود، قاتل مڇر گذريل هڪ مهيني کان حيدرآباد ۾ شهرين کي ماري رهيا آهن، پر انتظاميا ڊينگي کي روڪڻ لاءِ ڪو به مناسب انتظام نه ڪيو آهي. جنهن ڪري ڊينگي تيزي سان وڌيڪ رهيو آهي.
ڪراچي ۾ ڊينگي سبب چئن سالن جي ٻارڙي فوت،صحت ۽ مڪاني کاتن جي بجيٽ تي سوال اٿڻ لڳا
ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي ۾ ڊينگي بخار سبب 4 سالن جي ٻارڙي حياتي وڃائي ويٺي۔ اسپتال انتظاميه موجب معصوم نينگري سنڌ انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ ۾ علاج هيٺ هئي، جتي هوءَ حياتيءَ جي جنگ هارائي وئي۔اسپتال جي ذميوارن ٻڌايو ته ٻارڙي کي 17 آڪٽوبر تي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو، جتي علاج دوران سندس حالت بگڙندي وئي۔ذريعن موجب ڪراچي ۾ ڊينگي سبب فوتگين جو انگ وڌي 3 ٿي ويو آهي۔ٻئي پاسي صحت کاتي ۽ مڪاني کاتي جي اربين رپين جي بجيٽ تي سوال اٿڻ لڳا آهن ته سنڌ ۾ ڊينگي جي خاتمي لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا آهن؟مڇرمار ڦوهاري جو ڪٿي به نالو نشان نظر نه پيو اچي.