” نياڻيون گهرن ۾ به محفوظ ناهن“ مديحه رضويءَ جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا مدِيحه رضوي انڪشاف ڪيو آهي ته ڊرامي “جمع تقسيم” جي حساس منظرن جي شوٽنگ دوران ٽيم کي ڪيترين ئي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو ۽ کين تنقيد جو ڊپ به هو.
هم ٽي وي تي نشر ٿيندڙ ڊراما سيريز “جمع تقسيم” ۾ هڪ نهايت حساس موضوع تي روشني وڌي وئي آهي، جنهن ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته ڪيئن ڪڏهن ڪڏهن گهر جي اندر به نياڻين کي پنهنجن ويجهن مٽن مائٽن جي هراسان ڪندڙ روين کي منهن ڏيڻو پئي ٿو.
ڊرامي ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته”صدرا“ نالي هڪ ننڍي ڇوڪري کي سندس سئوٽ ” ذيشان“ تنگ ڪندو آهي، پر ساڳئي وقت انهن جو چاچو موقعي تي پهچي صدرا کي ذيشان کان بچائي وٺي ٿو.
مدِيحه رضوي تازو هڪ يوٽيوب پروگرام ۾ شرڪت دوران ڊرامي جي منظرن ۽ موضوع بابت تفصيلي گفتگو ڪئي.
هن ٻڌايو ته ڏسندڙن کي جيتوڻيڪ اهو سڌي ريت نه ٻڌايو ويو ته صدرا سان اصل ۾ ڇا ٿيو، پر منظرنگاري ايتري اثرائتي هئي جو ڏسندڙ پاڻ سمجهي ويا ته ان سان ڇا ٿيو ۽ ڪيتري حد تائين ٿيو.
اداڪارا موجب، ڊرامي پييمرا جي قانونن جي پيروي ڪندي اهو پيغام ڪاميابي سان پهچايو ته معاملو سنگين ٿيڻ کان اڳ ئي گهر وارا وقت تي پهچي ويا.
”جمع تقسيم“ ۾ اهو به ڏيکاريو ويو آهي ته ذيشان کي سندس حرڪتن سبب هاسٽل موڪليو وڃي ٿو، جتي کيس ٻين ڇوڪرن طرفان تنگ ڪيو وڃي ٿو.
مدِيحه رضوي ٻڌايو ته هاسٽل وارو منظر شوٽ ڪرڻ تمام ڏکيو هو، ڇو ته ٽيم کي اهو ڏيکارڻو هو ته ذيشان کي ڇوڪرا تنگ ڪري رهيا آهن، پر ساڳئي وقت اهو به ڏسڻو هو ته ڪيترو ڏيکارجي ۽ ڪيترو نه.
هن چيو ته جيتوڻيڪ ڊرامي ۾ تمام ٿورو ڏيکاريو ويو، پر پيغام ناظرين تائين مڪمل طور پهچي ويو ته ذيشان سان ڇا ٿي رهيو هو.
اداڪارا چيو ته جن ٻن قسطَن ۾ اهي واقعا پيش ڪيا ويا، انهن دوران سيٽ جو ماحول تمام سنجيدا ٿي ويو، ڄڻ ته اهو سڀ ڪجهه سندن پنهنجي گهر يا ٻارن جي وچ ۾ ٿي رهيو هجي.
مدِيحه رضوي موجب، ڊرامي جو هدايتڪار علي حسن شروعات ۾ اهي سين شوٽ ڪرڻ نه پيو چاهي ، ڇو ته هو ٻارن سان لاڳاپيل اهڙا منظر ڏيکارڻ ۾ ٻڏتر جو شڪار هو، پر پوءِ هن سمجهيو ته اِهو موضوع ڏيکارڻ ضروري آهي.
هن اعتراف ڪيو ته سڀني کي اهو ڊپ به هو ته جڏهن ڊرامو نشر ٿيندو ته تنقيد جو منهن پوندو، اسان هر قسم جي ردعمل لاءِ ذهني طور تي تيار هئاسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.