سومر تي عام موڪل هوندي يا نه؟ اهم خبر اچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪشمير بليڪ ڊي جي موقعي تي 27 آڪٽوبر تي عام موڪل هوندي يا نه؟ ان حوالي سان اهم خبر اچي وئي.
سڄي ملڪ ۾ اهو سوال بحث هيٺ آهي ته ڇا هن سال به 27 آڪٽوبر تي ڪشمير بليڪ ڊي جي موقعي تي عام موڪل جو اعلان ڪيو ويندو.
پر پاڪستان حڪومت 2025 لاءِ جاري ڪيل سرڪاري ۽ اختياري موڪلن جي فهرست ۾ 27 آڪٽوبر کي شامل ناهي ڪيو.
واضح رهي ته هر سال 27 آڪٽوبر کي ڪشمير بليڪ ڊي طور ملهايو ويندو آهي، ڇو ته 27 آڪٽوبر 1947 ۾ ڀارتي فوج سرينگر ۾ داخل ٿي ڄمون ۽ ڪشمير تي قبضو ڪيو هو.
ان ڏينهن جي مناسبت سان سڄي ملڪ ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي لاءِ ريليون، سيمينار ۽ تقريبون منعقد ڪيون وينديون آهن، جن ۾ ڀارت جي غير قانوني قدمن جي مذمت ۽ ڪشميري عوام جي حقن جي حمايت جو اظهار ڪيو ويندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.