ڪيپ ٽائون (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪا جي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جو ڪپتان ڊيوڊ ملر زخمي ٿيڻ سبب پاڪستان خلاف ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز مان ٻاهر ٿي ويو.
ڏکڻ آفريڪي ڪرڪيٽ بورڊ ( ڪرڪيٽ سائوٿ آفريڪا) موجب، فاسٽ بالر جيرالڊ ڪوئٽزي به انجري سبب پاڪستان خلاف وائيٽ بال سيريز مان ٻاهر ٿي ويو آهي، ٻنهي رانديگرن جي جاءِ تي ميٿيو برٽزڪي ۽ ٽوني ڊي زورزي کي ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
ڏکڻ آفريڪي بورڊ جو چوڻ آهي ته ڊونوون فِريرا ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ پروٽيز ٽيم جي قيادت ڪندو.
بورڊ موجب، ڊيوڊ ملر جو گذريل ڏينهن اسڪين ڪيو ويو جنهن ۾ کيس هيمسٽرنگ اسٽرين جي تصديق ٿي، پروٽيز ڪپتان جي وطن واپسي تي ريهيب پروگرام شروع ڪيو ويندو.
ياد رهي ته پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل سيريز 28 آڪٽوبر کان پهرين نومبر تائين کيڏي ويندي، ٽي ٽوئنٽي سيريز جي پهريون ميچ 28 آڪٽوبر تي راولپنڊي ۾، جڏهن ته باقي ٻه ميچ 31 آڪٽوبر ۽ پهرين نومبر تي لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيو وينديون.
ٽي ٽوئنٽي سيريز کان پوءِ ٻئي ٽيمون فيصل آباد جو رخ ڪنديون، جتي ٻنهي جي وچ ۾ 6، 4 ۽ 8 نومبر تي ٽي ون ڊي ميچون کيڏيون وينديون.
You might also like