ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪي اليڪٽرڪ سي اي او مونس علوي چيو آهي ته ملٽي ايئر ٽيرف ۾ ڪٽوتي جا اثر واهپيدارن تي پوندا.
پنهنجي بيان ۾ مونس علوي چيو ته نيپرا ڪي اليڪٽرڪ جي ملٽي ايئر ٽيرف ۾ وڏي پيماني تي تبديلي ۽ لاٿ ڪئي آهي، هن سال جون ۾ جنهن ٽيرف جو اعلان ٿيو هو، اهو اڍائي سالن جي مشاورت، تحقيق، جاچ پڙتال ۽ آزاد ذريعن سان انگن اکرن جي تصديق کانپوءِ جاري ڪيو ويو هو.
هن چيو ته اڍائي سال غور ڪري جاري ٿيندڙ ملٽي ايئر ٽيرف کي رڳو ڪجهه مهينن ۾ صفا تبديل ڪيو ويو آهي، ان نظرثاني ٽيرف جي روشني ۾ جائزو وٺي رهيا آهيون ته آپريشنز کي ڪيئن جاري رکيو وڃي، ڪٽوتي سان واهپيدارن تي اثر پئجي سگهن ٿا، انتظاميا جي ڀرپور ڪوشش آهي ته واهپيدارن کي متاثر نه ڪيو وڃي.
You might also like