غريب لاءِ چُلهو ٻارڻ ڏکيو، گيهه ۽ تيل مهانگو ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گيهه ۽ تيل جي اگهن ۾ واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي، جنهن سان گهريلو واهپيدارن جي وڌيڪ بار پوندو.
مهانگائي کان پريشان عوام تي هڪ ٻيو بار وڌو ويو، کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي وئي آهي.
ذريعن موجب پهرئين درجي جو گيهه ۽ تيل 10 رپيا واڌ سان 582 رپيا في ڪلو/ليٽر تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته ٻئي درجي جو گيهه ۽ تيل 540 رپيا ڪلو/ليٽر وڪرو ٿي رهيو آهي.
کنڊ جي اگهه ۾ به 2 رپيا واڌ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ اها 179 رپيا في ڪلو ٿي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.