ڪوهليءَ جي ٻُڙين ٽيم کي به ٻُڙي ڏئي ڇڏي، آسٽريليا ڀارت کي ٻي ون ڊي ۾ هارائي سيريز کٽي ورتي

ايڊليڊ (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا ٻي ون ڊي ۾ ڀارت کي اٺ وڪيٽن تان مات ڏئي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 0-2 جي فيصلائتي سرسي حاصل ڪري ورتي.
ايڊليڊ اول جي ميدان تي ڪينگروز ڪپتان هڪ ڀيرو وري ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو صحيح ثابت ٿيو.
ڀارت طرفان ٻي ون ڊي ۾ اننگز جي شروعات اڳوڻي ڪپتان روهت شرما ۽ هاڻوڪي ڪپتان شُڀمَن گِل ڪئي.
ڀارت جي پهرين وڪيٽ 17 رنسن جي مجموعي اسڪور تي شُڀمَن گِل جي صورت ۾ ڪِري، هو نوَ رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.
ان کانپوءِ ون ڊائون پوزيشن تي ڀارتي اسٽار بيٽر ويرات ڪوهلي آيو ۽ پهرين ميچ جيان ٻي ميچ ۾ به کاتو کولڻ بنا بريٽليٽ جو ٻيو شڪار بڻيو.
ٻه تڪڙيون وڪيٽون ڪرڻ کانپوءِ روهت شرما ۽ شرياس اَئير ذميواراڻي بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي هوريان هوريان ٽيم جو اسڪور اڳتي وڌايو.
روهت شرما 73 ۽ شرياس اَئير 61 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، اڪشر پٽيل 44 رنسن جي نمايان اننگز کيڏي، وڪيٽ ڪيپر بيٽر ڪي ايل راهول 11، واشنگٽن سُندر 12 ۽ نتيش ڪمار ريڊي 8 رنسون ٺاهي سگهيا.
ارشديپ سنگهه 13 ۽ هرشت راڻا 24 رنسن ٺاهي ناٽ آئوٽ موٽيو، ڀارت مقرر 50 اوورن ۾ نوَ وڪيٽن جي نقصان تي 264 رنسون ٺاهيون.
آسٽريليا جي ايڊم زمپا 4، زاويئر بريٽليٽ 3 ۽ مچل اسٽارڪ 2 وڪيٽون ورتيون.
آسٽريليا 265 رنسن جي هدف پٺيان ڊوڙندي مٿيو شارٽ شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪيو ۽ ڀارتي فيلڊنگ جون غلطيون ڀرپور فائدو ورتو ، جڏهن ته ڪوپر ڪانولي آخري لمحن ۾ پُر اعتماد بيٽنگ ڪندي آسٽريليا کي سيريز جي فتح ڏياري.
هڪ موقعي تي آسٽريليا لاءِ هدف ڏکيو نظر پئي آيو ، جڏهن ان جا 4 رانديگر 132 رنسن تي آئوٽ ٿي چڪا هئا، پر شارٽ ۽ ڪانولي هلندڙ صديءَ جي بهترين ڀائيواري جوڙي.
ميٿيو شارٽ پنهنجي ون ڊي ڪيريئر جي بهترين اننگز کيڏي 74 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.
ان کان پوءِ آسٽريليا تڪڙيون ٽي وڪيٽون وڃايون، پر ڪانولي هڪ اينڊ تي مضبوطيءَ سان ڄميو بيٺو رهيو.
ون ڊي ورلڊڪپ 2027 جي جي تيارين کي نظر ۾ رکندي شارٽ، ڪانولي ۽ مچل اووَن جي ڪارڪردگي آسٽريليا لاءِ اميدن جا ڏيئا روشن ڪري ڇڏيا آهن.
واضح رهي ته اووَن پنهنجي پهرين ون ڊي اننگز ۾ 23 بالن تي 36 رنسون ٺاهيون هيون.
ايڊم زمپا کي شاندار بالنگ تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو سيريز جي ٽين ۽ آخري ميچ 25 آڪٽوبر تي سڊني ۾ کيڏي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.