اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ 26هين آئيني ترميم خلاف ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس جمال خان مندوخيل ريمارڪس ڏنا آهن ته عدالتي بينچون خواهشن موجب نه پر آئين ۽ قانون موجب ٺهنديون.
جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 8 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران درخواستگذار وڪيل عزير ڀنڊاري دليلن ۾ چيو ته 26هين آئيني ترميم کان اڳ واري 16 رڪني فل ڪورٽ جوڙي وڃي يا سپريم ڪورٽ جي سڀني 24 ججن کي شامل ڪري فل ڪورٽ جوڙي وڃي.
جسٽس محمد علي مظهر چيو ته ڇا 31 آڪٽوبر 2024 واري ڪميٽي کي اهو اختيار حاصل هو ته اهڙو فيصلو ڪري سگهي، ڇا ڪميٽي آئين ۽ قانون موجب فيصلو ڪيو؟
جسٽس امين الدين خان چيو ته آرٽيڪل 191 اي کي معطل ڪرڻ بنا اهڙو آرڊر ڪيئن ٿا ڪري سگهون، جسٽس مسرت هلالي ريمارڪس ڏنا ته ڇا آئيني بينچ کي اهو اختيار حاصل آهي ته اها ڪا ٻي بينچ به جڊيشل آرڊر ذريعي ٺاهي سگهي.
جسٽس نعيم اختر افغان ريمارڪس ڏنا ته درخواستگذارن کي هن آئيني بينچ تي اعتماد ڇو ناهي.
وڪيل چيو ته آئيني ترميم ۾ اهڙو مڪينزم ئي ناهي، جنهن تحت جڊيشل ڪميشن ججن جي نامزدگي لاءِ پڪ اينڊ چوز ڪري.
جسٽس نعيم افغان چيو اها ڳالهه ته ڪيس جي ميرٽس بابت آهي، جسٽس عائشا ملڪ چيو ته جيڪڏهن آرٽيڪل 191 اي تحت نامزد جج ئي آئيني ڪيس ٻڌي سگهن ٿا ته پوءِ سپريم ڪورٽ جو اختيار ته جڊيشل ڪميشن جي هٿ ۾ اچي ويو، جيڪڏهن ڪنهن جج کي آئيني بينچ لاءِ نامزد نه ڪيو وڃي ته ڇا سپريم ڪورٽ ۾ ڪو ڪيس نه ٻڌو ويندو.
عدالت وڌيڪ ٻڌڻي 10 نومبر تائين ملتوي ڪندي قرار ڏنو ته بينچ جي دستيابي جي صورت ۾ ٻڌڻي ٿيندي.
You might also like