پاڪستان، ڀارت ۾ شيڊيول جونيئر هاڪي ورلڊ ڪپ تان هٿ کڻي ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان، ڀارت ۾ شيڊيول جونيئر هاڪي ورلڊ ڪپ تان هٿ کڻي ويو.
پاڪستان هاڪي فيڊريشن طرفان ايف آءِ ايڇ جونيئر هاڪي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو ڪارڻ ٻڌايو ويو آهي.
پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي سيڪريٽري راڻا مجاهد ايف آءِ ايڇ کي پاڪستان جي ميچن لاءِ نيوٽرل وينيو جو آپشن ڏنو هو.
راڻا مجاهد موجب، ڀارت ۾ موجودا حالتن ۾ وڃي کيڏڻ ڪنهن به صورت ۾ ممڪن نه آهي.
جونيئر هاڪي ورلڊ ڪپ 28 نومبر کان ڀارت ۾ شروع ٿيندو، ميگا ايونٽ جو فائنل 11 ڊسمبر تي ٽورنامنيٽ جي ٻن ٽاپ ٽيمن ۾ کيڏيو وينو.
ياد رهي ته ان کان اڳ به پاڪستاني هاڪي ٽيم ايشيا ڪپ کيڏڻ لاءِ ڀارت وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.