ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مان بيضن جي برآمدن ۾ زبردست واڌ ٿي وئي، پهريون ڀيرو آمريڪا کي به بيضن جي برآمد شروع ٿي وئي آهي.
اختيارين موجب مجموعي طور تي آمريڪا لاءِ بيضن جون برآمدون 23 لک 70 هزار ڊالرن تائين پهچي ويون آهن، هلندڙ مالي سال ۾ پاڪستان مان بيضن جي ايڪسپورٽ ۾ زبردست واڌ ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي.
پاڪستان مان گڏيل عرب امارتن، بحرين، هانگ ڪانگ، ڪويت، قطر، صوماليا سميت ٻين ملڪن ۾ بيضا برآمد ڪيا ويندا آهن.
You might also like