پرٿ (ويب ڊيسڪ) پرٿ ۾ جڏهن شُڀمَن گِل ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو ته هن جي پٺيان سوان ندي جو خوبصورت نظارو هو ماحول کي پرڪشش بڻائي رهيو پر اتي ڪيئي مقامي ماڻهو حيران هئا ته اِهو ڇوڪرو ڪير آهي؟
ظاهر گِل اڃا تائين ويرات ڪوهلي يا روهت شرما جهڙي عالمي حيثيت کي ناهي ڇُهي سگهيو، پر تمام جلد سڀ ڪجهه تبديل ٿيڻ وارو آهي، ڇو ته هاڻي هو ٽيسٽ کانپوءِ ون ڊي ۾به ڀارتي ٽيم جي قيادت ڪندي نظر ايندو.
واضح رهي ته ڀارتي ٽيم اڄڪلهه آسٽريليا جي وري تي آهي جتي هو ٽن ون ڊي ۽ پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏندي.
آسٽريليا ۽ ڀارت جي وچ ۾پهرين ون ڊي ميچ سڀاڻي اوپٽس اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي، جنهن لاءِ ٻنهي ٽيمن جي ڪپتانن اڄ سيريز جي ٽرافيءَ جي مهورت پڻ ڪئي.
گل صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ”اهي ئي رانديگر آهن، جن کي ڏسي مان وڏو ٿيس، ٻنهي ليجنڊزجي اڳواڻي ڪرڻ منهنجي لاءِ وڏي فخر جي ڳالهه آهي، مون کي پڪ آهي ته هن سيريز دوران ڪيترائي اهڙا موقعا ايندا، جتي مان هنن جي تجربي مان لاڀ حاصل ڪندس.
هن چيو ته جيڪڏهن مان ڪنهن ڏکي صورتحال ۾ ڦاٿس ته مون کي پَڪ آهي منهنجي پُٺي ٽپڻ لاءِ ويرات ۽ روهت جهڙا ليجنڊز موجود هوندا.
روهت شرما کي ڪپتاني تان هٽائڻ باوجود ٽيم ۾ رکڻ سان اڳواڻي جي منتقلي تي ڪيترائي سوال اٿيا آهن واري سوال تي پر گِل واضح ڪندي چيو ته اڳ ئي روهت جي تجربي مان فائدو ماڻي چڪو آهي.
هن چيو ته ” ڊريسنگ روم کان ٻاهر جيڪي ڳالهيون هلن ٿيون، اِهي حقيقت کان مختلف هونديون آهن، اسان جي وچ ۾ اهڙو ڪو مسئلو نه آهي، سڀ ڪجهه جيان آهي.“
ڀارتي ڪپتان وڌيڪ چيو ته مان ” هر ڪنهن کي ٻڌڻ پسند ڪندو آهيان ۽ پوءِ پنهنجي سمجهه موجب فيصلو ڪندو آهيان، منهنجو ويرات ۽ روهت سان هڪ مضبوط رشتو آهي، مان جڏهن مُنجهي پوندو آهيان ته وٽن ئي ويندو آهيان.“
You might also like