چيٽ جِي پِي ٽِي واهپيدار ٻين ماڻهن ڏانهن سڌي ريت پيغام موڪلي سگهندا..!

جيئن عام طور تي چيٽ يا ڊائريڪٽ ميسيجز (ڊي ايم) وارو آپشن سوشل ميڊيا ايپس ۾ نظر ايندو آهي، تيئن ئي هاڻي تمام جلد چيٽ جي پي ٽي ۾ به ان جو استعمال ممڪن بڻجي ويندو.
اوپن اي آءِ طرفان چيٽ جي پي ٽي ۾ ڊائريڪٽ ميسيجنگ فيچر جي آزمائش جاري آهي.
ظاهر آهي ته هن فيچر جي شموليت سان هي آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) چيٽ بوٽ هڪ سوشل ميڊيا پليٽفارم ۾ تبديل ٿي ويندو.
واضح رهي ته چيٽ جي پي ٽي جي اينڊرائيڊ ڊوائيسز لاءِ نئين بيٽا ورزن ۾ موجود ڪوڊ مان اِها ڳالهه سامهون آئي آهي.
هڪ رپورٽ موجب، چيٽ جي پي ٽي ايپ ۾ تمام جلد واهپيدار ٻين ماڻهن کي سڌي ريت ون ٽو ون يا گروپ پيغام موڪلي سگهندا.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته چيٽ جي پي ٽي ۾ ون آن ون چيٽ، گروپ ميسيجنگ، ۽ بنيادي يوزر ڪنٽرولز جهڙوڪ ٻين ماڻهن کي بلاڪ ڪرڻ جهڙا فيچرز آزمايا پيا وڃن.
اهي فيچرز في الحال فعال ناهن، پر ان مان اشارو ملي ٿو ته هن روايتي سنگل يوزر ماڊل کي وڌيڪ سوشل پليٽ فارم بڻائڻ تي ڪم هلي رهيو آهي.
نومبر 2022ع ۾ متعارف ٿيڻ کانپوءِ چيٽ جي پي ٽي ۾ اي آءِ سان ون آن ون چيٽ تي ڌيان ڏنو ويو هو، پر هاڻي ان کي سوشل ميڊيا پليٽفارم ۾ تبديل ڪرڻ جي تياري ٿي رهي آهي.
بيٽا ڪوڊ مان اهو به ظاهر ٿيو آهي ته واهپيدار پنهنجي پروفائلز ۾ پروفائل تصويرون ۽ ڊسپلي نالا پڻ استعمال ڪري سگهندا.
نون فيچرز بابت تفصيل في الحال محدود آهن، تنهنڪري ڪجهه به چوڻ وقت کان اڳ هوندو.
اهو به اڃا طئي ناهي ته ڇا ماڻهن سان چيٽ دوران اي آءِ چيٽ بوٽ کي به شامل ڪيو ويندو يا نه.
ڊائريڪٽ ميسيجنگ واري فيچر جو واڌارو چيٽ جي پي ٽي جي موبائل تجربي کي مڪمل طور تبديل ڪري ڇڏيندو، جنهن سان واهپيدار نه رڳو اي آءِ سان ڳالهائي سگهندا، پر ٻين ماڻهن سان رابطو ڪرڻ يا گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ به هن پليٽفارم کي استعمال ڪري سگهندا.
اوپن اي آءِ طرفا هن فيچر کي باضابطا طور متعارف ڪرائڻ بابت اڃا تائين ڪو به اعلان ناهي ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.