افغانستان سميت جيڪو به حملو ڪندو ان کي ڀرپور جواب ملندو: سهيل آفريدي

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو آهي ته افغانستان سميت جيڪو به حملو ڪندو ان کي ڀرپور جواب ملندو.
پشاور ۾ صحافين سان غير رسمي گفتگو ڪندي سهيل آفريدي چيو ته مون کي ڪنهن جي خلاف ناهي آندو ويو، آئين ۽ قانون جي بالادستي لاءِ آيو آهيان، اسان جو هر قدم قانون ۽ آئين موجب هوندو، پرامن احتجاج ڪنداسين.
هن چيو ته هي صوبو اسان سڀني جو آهي، گذريل حڪومت ۾ اسان ٿورا ڪمزور هئاسين، اسان عدالتن ۾ جنگ وڙهي رهيا آهيون، انصاف نه مليو ته احتجاج ئي ڪنداسين.
سندس چوڻ هو ته افغانستان سميت جيڪو به حملو ڪندو ان کي ڀرپور جواب ملندو، پاڪستان خلاف ڪير به جارحيت ڪري ته اسان فوج سان گڏ هونداسين، هتان 8 لک کان وڌيڪ افغان پناهگير واپس ويا، 12 لک اڃا به آهن، کين باعزت طريقي سان واپس موڪلينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.